مري سانحي ڪيس جو فيصلو محفوظ

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ مري سانحي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ ۾ مري سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جسٽس چوڌري عبدالعزيز چيو خبر ناهي ته قوم جو ضمير ڪڏهن جاڳندو، ماڻهن ۾ ذميواري جو احساس ئي ناهي.

عدالت چيو ته مري ايڪسپريس وي تي غير قانوني اڏاوتون ڪيون ويون آهن، مري ۾ کاتي جي غفلت سبب غير قانوني اڏاتون ٿيون، کاتي جي غفلت سبب ماڻهن جو پئسو ضايع ٿيو، جيڪڏهن اڄ اڏاوتون ڪيرائي ڇڏيون ته ماڻهن جا اربين رپيا ضايع ٿي ويندا، کاتي غير قانوني اڏاوتن کان روڪيو هجي ها ته پئسو مناسب جاءِ تي لڳي ها.

پوءِ عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ جسٽس عبدالعزيز چيو ته مري سانحي ڪيس کي ڪلوز ڪري رهيو آهيان، ان جو فيصلو جلد ڪندس.

واضح رهي ته 7 ۽ 8 جنوري جي رات مري ۾ برفاني طوفان ۽  برساتن سبب 23 ڄڻا پنهنجي گاڏين ۾ لاڏاڻو ڪري ويا هئا، جن ۾ هڪ ئي خاندان جا 8 ڀاتي به شامل هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.