نئين وبا اچڻ واري آهي: بل گيٽس جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس عالمي وبا ڪورونا وائرس کانپوءِ نئين ايندڙ وبا کان خبردار ڪيو آهي.

بل گيٽس طرفان سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هن ڪورونا وائرس کانپوءِ ايندڙ نئين وبا تي لکيل ڪتاب بابت آگاهه ڪيو آهي.

هن چيو ته هي ڪتاب حياتيون بچائڻ لاءِ پرعزم دنيا کي بچائيندڙ ڊاڪٽر پال فارمر جي ياد ۾ لکيل آهي.

ان کان اڳ بل گيٽس پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته ڪورونا وائرس اڃا ختم ناهي ٿيو، دنيا کي ڪورونا جي بدترين مرحلي جي اڃا خبر ناهي، ڪورونا نئين تبديل ٿيل شڪل ۾ وڌيڪ خطرناڪ هوندو.

ياد رهي ته بل گيٽس چيو هو ته ڪورونا وائرس فيملي جا مختلف پيٿوجن نئين وبا پکيڙي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.