واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ مزمل حسين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) واپڊا چيئرمين لفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ مزمل حسين عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

مزمل حسين موجب پنهنجي استعيفيٰ اڄ وزيراعظم کي اماڻي ڇڏي آهي، استعيفيٰ ڏيڻ جو ڪارڻ هاڻ شيئر نٿو ڪري سگھان پر استعيفيٰ منظور ٿيڻ کانپوءِ ڪارڻ تي تفصيلي ڳالهائيندس.

هن چيو ته مان پنهنجي مقرري دوران ڪيترن ئي اهم آبي وسيلن تي ڪم ڪيو، واپڊا کي پنهنجي پيرن تي بيهاري ڏيکاريو.

ياد رهي ته ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ مزمل حسين کي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف آگسٽ 2016 ۾ واپڊا چيئرمين مقرر ڪيو هو ۽ ان بعد پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هن جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.