هونڊا موٽر سائيڪلون وري مهانگيون، قيمت ڄاڻي توهان جا هوش اُڏي ويندا

 

ايٽلس هونڊا هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي موٽر سائيڪلن جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڪمپني جي سڀ کان سستي موٽر سائيڪل جي قيمت هڪ لک رپين کان به وڌي وئي آهي.

ايٽلس هونڊا 2022 ۾ ٽيون ڀيرو پنهنجي موٽر سائيڪلن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي آهي.

هونڊا سي ڊي 70 جي قيمت 3 هزار رپيا وڌائي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اها هڪ لک ٻه هزار 900 رپين جي ٿي وئي آهي.

سي ڊي 70 ڊريم هڪ لک 9 هزار 500، هونڊا پرائيڊر هڪ لک 39 هزار 900، سي جي 125 هڪ لک 63 هزار 500 رپيا، سي جي 125 ايس اي هڪ لک 93 هزار 500، سي بي 125 ايف جي قيمت 2 لک 44 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت سي بي 150 ايف جي قيمت 2 لک 99 هزار رپيا ۽ سي بي 150 ايف ايس اي جي قيمت 3 لک 900 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.