ن ليگ جي بليغ الرحمان کي پنجاب جو گورنر بڻائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ بليغ الرحمان کي گورنر پنجاب بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب مسلم ليگ ن جي بليغ الرحمان کي گورنر پنجاب بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي سمري به وزيراعظم صدر حوالي ڪري ڇڏي آهي.

بليغ الرحمان مسلم ن جي گذريل حڪومتي دور ۾ وفاقي وزير ۽ مملڪي وزير به رهي چڪو آهي.

وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو هو ته گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما 6 ڏينهن جو مهمان آهي، نئون گورنر مقرر ٿي ويندو.

ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي وفد اڄ حمزا شهباز سان ملاقات ڪري ان کي پنجاب جو وڏو وزير ٿيڻ تي مبارڪ ڏني ۽ پنجاب جي گورنر شپ جي مطالبي تان پوئتي ٿيڻ جي فيصلي کان به آگاهه ڪيو.

ذريعن موجب پيپلز پارٽي گورنر پنجاب لاءِ مخدوم احمد محمود جو نالو مسلم ليگ ن کي تجويز ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.