سنڌ ۾ گرميءَ جي لهر اڃا ڪيتري هلندي؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي جي لهر وڌيڪ جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي جي سخت لهر آهي ۽ اها وڌيڪ هڪ هفتي تائين رهي سگهي ٿي.

موسميات کاتي موجب دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن ۾ پارو 46 کان 48 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته هيٺيان علائقا 11 کان 15 مئي دوران گرمي جي وڪڙ ۾ اچي سگهن ٿا.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ ٻه ڏينهن موسم گرم ۽ گهميل رهندي، آچر تي پارو 35 کان 37 ۽ سومر تي 38 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ان دوران اتر اولهه، اولهه ۽ ڏکڻ اولهه کان هوائون گهلي سگهن ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.