نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ حيرت ڏياريندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي قتل ڪيس جا اهم ثبوت ڀولو کڻي ڀڄي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب راجسٿان ۾ پوليس قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ عدالت جي سامهون هڪ عجيب ۽ حيرت جوڳي وضاحت پيش ڪئي ته هڪ ڀولو ڪيس ۾ گڏ ڪيل اهم ثبوت کڻي ڀڄي ويو آهي.
پر ڀولو قتل جي واردات ۾ استعمال ڪيل چاقو، جيڪو پوليس جي تحويل ۾ هو، ان سميت ٿيلهي ۾ موجود 15 ٻيون شاهديون به کڻي فرار ٿي ويو.
واضح رهي ته پوليس سيپٽمبر 2016 ۾ راجسٿان جي شهر جئي پور جي چندواجي علائقي ۾ هڪ بنيادي صحت مرڪز ۾ ششي ڪانت شرما جي موت جاچ ڪري رهي آهي.