لوئر دير (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي علائقي لوئر دير ۾ هڪ پوليس اهلڪار فائرنگ ڪري پنهنجي زال، ڌيءَ ۽ هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب اهلڪار محمود جان پنهنجي سالي سان گڏجي زال، ڌيءَ ۽ هڪ شخص کي ماريو، قتل ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب جوابدارن مبينا طور غيرت جي نالي تي ٽنهي ڄڻن کي قتل ڪيو آهي.