سنڌ ۾ پاڻي جو بحران شديد ٿي ويو، فصلن جي پوکائيءَ لاءِ فراهمي معطل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پاڻي بحران شدت اختيار ڪري ويو ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 59 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ سبب فصلن جي پوکائي لاءِ پاڻي جي فراهمي روڪي وئي آهي.

سنڌ ۾ پاڻي جي بحران سبب سکر بئراج ۾ به پاڻي جي کوٽ 48 سيڪڙو تائين پهچڻ سبب فصلن جي پوکائي لاءِ پاڻي جي فراهمي روڪي وئي آهي.

ڪوٽڙي بئراج ڪنٽرول روم موجب بئراج جي اپ اسٽريم ۾ 5 هزار 90 ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي، جڏهن ته ڊائون اسٽريم ۾ 205 ڪيوسڪ پاڻي خارج ٿي رهيو آهي، ڪوٽڙي بئراج تي هن وقت 59 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، جڏهن ته هن وقت ڪوٽڙي بئراج تي 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي موجود هجڻ گهرجي ها.

پاڻي جي عدم فراهمي سبب ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ ڍنڍن ڪي بي فيڊر، اڪرم واهه ۽ ڪمبائنڊ چئنل مان رڳو پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته زراعت لاءِ هن وقت بئراج تي پاڻي موجود ناهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته برسات جو نئون سلسلو شروع نه ٿيو ته فصلن کي نقصان  ٿيندو، تازين برساتن کانپوءِ ارسا طرفان ڇڏيل 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي 5 کان 6 ڏينهن ۾ سکر پهچندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.