سيد مراد علي شاهه پاڻي جي ورڇ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

ڀان سيدآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڻي جي ورڇ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڻي جي ورهاست برابري جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي.

ڀان سيد آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ملڪ جي دريائن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب  آهي، جيڪا 40 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي،

هن چيو ته اسان کي پاڻي جي ورڇ تي به خدشا آهن ته پاڻي جي منصفاڻي ورھاست نه ٿي رهي آهي، جيڪڏهن قدرتي طور پاڻي جي کوٽ آهي ته سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي ورهاست برابري جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته سکر ۾ وفاقي وزير خورشيد شاهه سان ملاقات ڪري سنڌ ۾ پاڻي کوٽ واري صورتحال بابت کيس آگاهي ڏيندس ۽ پاڻي جي ورھاست صحيح ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون پيش ڪندس.

ھن پاڻي جي کوٽ وارن علائقن جي آبادگارن کي صلاح ڏني ته اهي پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي سارين جو فصل نه پوکين.

سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان چار تائين نوڪريون ميرٽ جي بنيادن تي ڏينداسين، نوڪرين لاءِ انٽرويوز جو سلسلو جاري آهي، پروسيس مڪمل ٿيڻ بعد نوڪرين جا آرڊر ڪڍنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.