شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ مبينا طور تي غيرت جي نالي تي مڙس فائرنگ ڪري زال ۽ ڀاءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب ڳوٺ اسماعيل جعفري ۾ واقعو پيش آيو، جتي همراهه فائرنگ ڪري زال ۽ ڀاءُ کي گولين جو کاڄ بڻايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.