عامر لياقت جي ٽين زال به طلاق لاءِ عدالت پهچي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي آيل خبرن موجب قومي اسيمبلي ميمبر، ٽي وي ميزبان ۽ اسڪالر عامر لياقت حسين جي ٽين زال دانيا شاهه خلع لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

ٽوئيٽر تي ڪيترن ئي صحافين ۽ واهپيدارن سيده دانيا شاهه طرفان پنجاب صوبي جي شهر بهاولپور جي عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست جي مبينا ڪاپي شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته عامر لياقت جي ٽين زال به خلع لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو.

درخواست ۾ هن عامر لياقت کان 11 ڪروڙ 51 لک 50 هزار رپين جو حق مهر به ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

درخواست ۾ دانيا شاهه عدالت کان عامر لياقت کان ماهوار هڪ لک رپيا به ڏيارڻ جي درخواست ڪئي آهي.

هن درخواست ۾ ڪراچي جي علائقي خداداد ڪالوني ۾ 11 ڪروڙ رپين جي گهر، 45 لک رپين جي گاڏي ۽ چار لک رپين جا زيور ۽ ٻيون شيون ڏيارڻ جي به استدعا ڪئي آهي.

اهڙي ڪاپي شيئر ڪري دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته عامر لياقت جي زال خلع لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي.

ٻئي پاسي هڪ وڊيو پڻ گردش ۾ آهي، جنهن ۾ دانيا شاهه تصديق ڪري ٿي ته هوءَ عامر لياقت کان ڌار ٿيڻ لاءِ عدالت وئي هئي.

وڊيو ۾ هن ٻڌايو ته ماڻهن کي وڌيڪ ڄاڻ خبرن ذريعي ملي ويندي.

وڊيو ۾ اهو واضح ناهي ته دانيا شاهه ڪڏهن اها وڊيو ٺاهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.