لانگ مارچ ۾ ڏڦيڙ ٿيو ته توهان کي گهران نڪرڻ نه ڏيندس: راڻا ثناءُ الله

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ کي وارننگ ڏني آهي ته لانگ مارچ ۾ ڏڦيڙ ۽ افراتفري جي رٿابندي ٿي ته گهران  نڪرڻ  نه ڏيندس.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مسجد نبوي صه واقعي تي مذهبي طبقو سراپا احتجاج آهي، ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

هن عمران خان کي وارننگ ڏيندي چيو ته توهان پنهنجي حرڪتن کان مُڙي وڃو، توهان پنهنجي ڪارڪنن کي سياسي اڳواڻن خلاف اڪسائي رهيا آهيو ته پاڻ به ردعمل کان نٿا بچي سگهو، جيڪڏهن نٿا مڙو ته اسان کي پنهنجي ڪارڪنن کي چوڻو پوندو ته ڪٿي بدتميزي ٿئي ته انهن کي پڪڙيو ۽ مرمت ڪيو.

سندس موجب شيخ رشيد چوندو هو ته جيل ان جا ساهرا ۽ هٿڪڙي زيور آهي، پوءِ جيل وڃڻ کان ڇو ٿو گهٻرائي؟ هن عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست ڏني، جنهن ۾ چيو ويو ته کيس گرفتاري جو خوف آهي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته اهي چون ٿا لانگ مارچ خوني هوندو، جيڪڏهن توهان لانگ مارچ پرامن هجڻ جو نه چيو ته توهان کي گهران نڪرڻ نه ڏيندس، توهان ماڻهن کي باهه لڳائڻ جو چئي رهيا آهيو.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهباز گل سان حادثي جو جوابدار گرفتار آهي ۽ ان جو واسطو ن ليگ سان ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.