حميده گهانگهرو جي آتم ڪٿا ” پيڙاجو سفر“ جو مختصر جائزو

رئوف نظاماڻي

 اها ڳالهه واقعي حقيقت آهي ته وڏي وڻ جي ڇانو ۾ ننڍي ٻوٽي جو نسرڻ ۽ وڌڻ ڏکيو هوندو آهي. اها ڳالهه انهن ماڻهن تي به لاڳو ٿئي ٿي جيڪي ڪنهن به حوالي سان ڪنهن وڏي ۽ نامياري ماڻهوءَ سان لاڳاپيل هوندا آهن.

نذير عباسي سياسي لحاظ کان هڪ وڏي قدآور شخصيت آهي. سندس شهادت هڪ لحاظ سان کيس امر ڪري ڇڏيو آهي. مون تازو حميده گھانگھرو جي آتم ڪهاڻي پيڙا جو سفر پڙ آهي پورو ڪيو. اهو ڪتاب آگسٽ 2009 ۾ نذير عباسي فائونڊيشن پاران ڇپرايو ويو هو.  حميده جي سياسي لحاظ کان پنهنجي هڪ ڌار ۽ منفرد شخصيت ۽ حيثيت آهي پر نذير جي وني هئڻ ناتي سندس اهو پاسو ڄڻ ته پسمنظر ۾ هليو ويو آهي. ان آتم ڪٿا ۾ حميده پاڻ به نذير جو گھڻو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان کي پاڻ کان گھڻي اهميت ڏني آهي پر ساڳي وقت سياسي لحاظ کان سندس پنهنجي ڪردار کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي.

حميده جي خاندان جو واسطو ڪراچي، حيدرآباد يا لاهور ۽ اسلام آباد جهڙن شهرن سان نه هو جتي عورت کي نسبتن تعليم ۽ ٻين سماجي معاملن وغيره ۾ گھڻي آزادي هوندي آهي. هو سنڌ جي هڪ پٺتي پيل روايتن ۾ جڪڙيل شهر محراب پور ۾ پيدا ٿي جتي ڇوڪرين جي تعليم کي به هڪ عيب ڪري ليکيو ويندو هو. فرق اهو هو ته سندس پيءُ محمد هاشم گھانگھرو جيڪو جيتوڻيڪ پنهنجا مذهبي فرض به باقاعدگي سان ادا ڪندو هو پر ساڳي وقت هڪ روشن خيال ماڻهو هو جنهن پنهنجن ذات وارن جون سڀ مخالفتون ۽ تهمتون سهندي پنهنجين ڌيئرن کي تعليم ڏياري هئي. ان خاندان جو خاص طور  ڪميونسٽ پارٽي سان واسطو هو ۽ ان جي اڳواڻن جو سندن گھر ۾ اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ معمول هوندو هو.

حميده جو پهريون ڀيرو جيل وڃڻ محراب پور ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جي گُھر ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ  احتجاج ۽ مظاهرا ڪرڻ جي ڪري هو. جيتوڻيڪ اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهه نه هئي پر ان وقت تر جي وڏيرن ۽ ڪامورن لاءِ  ان گھر کي مڃڻ ڄڻ هڪ انا جو مسئلو بڻجي ويو هو ۽ انهن ڪهڙي به ريت انهن شاگردياڻين کي جھڪائڻ ۽ معافي گھري پنهنجين گھرن تان هٿ کڻائڻ چاهيو ٿي. پر اهي ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا ۽ هڪ ڊگھو عرصو نارا جيل ۾ گذارڻ کانپوءِ  اهي ٻئي ڀينر زبيده ۽ حميده پنهنجي گھر مڃرائي پوءِ  آزاد ٿيون.

سندس نذير سان شادي به ڪا روايتي نه هئي. سندس پنهنجو چوڻ آهي ته اها هڪ لحاظ کان ڄڻ پارٽي جي ڪانفرنس يا گڏجاڻي هئي جنهن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن جا پارٽي ڪارڪن ۽ ٻيا ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. شادي جي ڪجهھ عرصي کانپوءِ  پارٽي پاران کيس ۽ آصفه رضوي کي پٽ فيڊر بلوچستان موڪليو ويو جتي هارين جي زميندارن خلاف جدوجهد هلندڙ هئي. ان جي نتيجي ۾ انهن ٻنهي کي گرفتار ڪري مڇ جيل موڪليو ويو جتي هڪ ڊگھو عرصو گذارڻ کانپوءِ  کين آزادي ملي.

جيل جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن اتان جا حال احوال ۽ قيدين ۽ خاص طور عورتن جي صورتحال جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. خاص طور نارا جيل ۾ بنگالي ۽ برمي عورتن ۽ بارن جي رحم جوڳي حالت کي احساساتي طور بيان ڪيو آهي. اهڙي ريت مڇ جيل ۾ اهڙين عورتن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي قبائلي ۽ جاگيرداري ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار رهيون آهن.

آتم ڪٿا جو هڪ وڏو حصو نذيرعباسي جي حياتي ۽ سندس جدوجهد تي ٻڌل آهي. انهن ٻنهي جو هڪ پيار جو ۽ نظرياتي ناتو هو. نذير هڪ نرم سڀاءُ وارو شخص هو. هو اهو ڏيکاءُ نه ڏيندو هو ته هو ڪو وڏو اڳواڻ هو. ان جو تجربو ذاتي طور مون کي به آهي جڏهن هڪ دوست سان گڏ مون کي سنڌ يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل هاسٽل ۾ سندس ڪمري ۾ وڃڻ ۽ اتي ڪجهھ ڪلاڪ گذارڻ جو اتفاق ٿيو هو. سندن ذاتي زندگي ته ڄڻ نه هئي. شادي کانپوءِ  به لاڳيتو ٻيئي ڄڻا جدوجهد ئي ڪندا رهيا. خاص طور نذير پنهنجو گھڻو وقت روپوشي ۾ گذاريو. هڪ ڏينهن گھران نڪرڻ کانپوءِ  هو وري نه موٽيو ۽ سندس وني، ماءُ ۽ ٻيا گھر وارا بس سندس موٽڻ جو انتظار ئي ڪندا رهيا. سندس شهادت جي خبر ملڻ کانپوءِ  هو آخري ڀيرو سندس منهن به نه ڏسي سگهيا. حميده لکي ٿي ته جڏهين نذير ۽ پروفيسر جمال نقوي کي گرفتار ڪيو ويو ته نذير پروفيسر کان پڇيو ته مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي ته پروفيسر جواب ڏنو ته جيڪي ڪامريڊ ڪندا آهن.

نذير جي شهادت کانپوءِ  حميده سياسي لحاظ کان گھڻو سرگرم نه رهي. ان جو هڪ مک ڪارڻ هو پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن جو رويو به ٻڌائي ٿي. ٿيڻ ائين گھربو هو ته پارٽي پاران خاص طور نذير جي پوڙهي ۽ بيمار ماءُ ۽ سندس ڌي ۽ زال جو خيال رکيو وڃي ها، پر سندس چوڻ آهي ته ڪنهن به پارٽي اڳواڻ نذير جي ماءُ سان ملڻ به گوارا نه ڪيو.

اڳتي هلي پارٽي جو ٽٽڻ ليکڪا لاءِ  اڃا وڌيڪ مايوسي جو باعث هو. سندس چوڻ آهي ته نذير جي ماءُ جو دل جو بائي پاس آپريشن ٿيڻو هو. هن ان سلسلي ۾ مالي مدد لاءِ  پارٽي جي هڪ اڳواڻ، جيڪو ڪارخانيداربه هو،  کي ان سلسلي ۾ فون ڪيو. پر سندس جواب هو ته هاڻي ته پارٽي ٽٽي چڪي آهي ۽ هو ان سلسلي ۾ ڪجھ نه ٿي ڪري سگھيو. ان ڳاله کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته نذير ۽ حميده ٻيئي پارٽي جا  ڪل وقتي ڪارڪن هئا ۽ سندن آمدني جو ٻيو ڪو ذريعو نه هو. ٻي ڳالهه ته انهن ٻنهي جا خاندان ڪي مالدار نه هئا ۽ پنهنجيون روزمره جون ضرورتون مشڪل سان پوريون ڪري سگھندا هئا. پارٽي جي ان صورتحال نذير جي خاندان کي هڪ ڏکي صورتحال ۾ وجھي ڇڏيو. هن ننڍي زرقا کي به متاثر ڪيو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته هن جي پارٽي ۽ سياست سان ڪا دلچسپي نه رهي آهي. بينظير جڏهن وزيراعظم ٿي ته زرقا هن کي خط لکيو ته تون به شهيد جي ڌي آهين ۽ آئون به شهيد جي ڌي آهيان ۽ تون مون کي انصاف ڏيار. پر اها حقيقت آهي ته انصاف نه بينظير کي ملي سگھيو ۽ نه ئي زرقا کي.

ليکڪا جيتوڻيڪ پارٽي جي ٽٽڻ کانپوءِ  ڪنهن هڪ يا ٻي ڌر جو پاسو نه ٿي کڻي ۽ نه ئي ان جي ڪنهن اڳواڻ جو نالو وٺي ان تي تنقيد ڪري ٿي پر هوءَ پارٽي بيوروڪريسي جو ضرور ذڪر ڪري ٿي جيڪي پارٽي لاءِ  ڪم ڪرڻ جي بهاني ٻين ملڪن ۾ عيش جي زندگي گذاري رهيا هئا. ساڳي وقت هو قومي مسئلي جي حوالي سان پڻ پارٽي جي پاليسي تي تنقيد ڪري ٿي.

جيتوڻيڪ ان آتم ڪٿا ۾ هڪ ذاتي ڏک جي ڪيفيت آهي جيڪا هڪ فطري ڳاله آهي پر اها ساڳي وقت هڪ پختي ۽ تجربيڪار سياسي ڪارڪن جي ڪٿا آهي جنهن ۾ ٿورن لفظن ۾ گھڻين ڳالهين کي بيان ڪيو ويو آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان دور ۾ پارٽي سان جيڪا ماڻهو لاڳاپيل رهيا انهن مان گھڻا اڃا حيات آهن اهي پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائين ته جيئن تاريخ ۽ سياست جي شاگردن کي ان دور جي کاٻي ڌر ۽ خاص طور ڪميونسٽ سياست کي سمجھڻ ۾ مدد ملي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.