پورهيتن جي پيڙائن جو ازالو ڪير ڪندو ؟

اسان هڪ اهڙي معاشري ۾ زندگي گهاري رهيا آهيون جتي امير لاءِ  هڪڙو ته غريب لاءِ  ٻيو قانون آهي، هتي امير کي ته جلدي انصاف ملي ٿو پر غريب ويچارا انصاف جي اوسيئڙي ۾ سالن جا سال روڊن، رستن، ۽ پريس ڪلبن تي احتجاج ڪندا آهن، پر پوءِ به انهن کي ڪنهن منصب طرفان انصاف پلئه نٿو پوي، الميو ته اهو به آهي جو غريبن جون دانهون، ڪوڪون، ۽ رڙيون ڪنهن اعليٰ آفيسر جي ضمير کي نٿيون جهنجهوڙين، امير سنڌ جا غريب ماڻهو اڄ به انصاف جي اوسيئڙي ۾ روڊن ۽ پريس ڪلبن تي احتجاج  طور ويٺل آهن پر انڌي حڪومت جي انڌي ۽ گڙنگ ٻوڙي قانون جي ڪن تي جون به ڪونه ٿي چري، سنڌ ۾ غربت جي ڳالھه ڪنداسين ته اسان جا ڇرڪ نڪري ويندا، اڄ به سنڌ جا ڪيترائي خاندان ٻن ويلن جي ماني کائڻ سميت ڪنهن بيماري جو علاج ڪرائڻ لاءِ  به قاصر آهن، سنڌ دنيا جو واحد خطو آهي جتي غريبن، مسڪينن، ۽ بي پهچ ماڻهن کي هميشه ڊيڄاريو، ڌمڪايو، ۽ سندن جي حقن تي داڙو لڳندو رهيو آهي، ٻيا جائز حق ته گهوريو پنهنجي جاءِ تي پر سنڌ جي محنت ڪش پورهيت طبقي کي هڏن جي پورهئي جو اجورو به انتهائي گهٽ ڏنو وڃي ٿو. 

هڪ پاسي پئسي وارا ماڻهو ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌندا پيا وڃن ۽ غريب ويچارو ويتر پوئتي ئي پوئتي ڌڪبو پيو وڃي ته ٻئي ٻاسي سرمائيدار طبقو ويتر اڳتي وڌندو پيو وڃي، ان جو ڪارڻ هي آهي، ته پئسي وارو ماڻهو پنهنجي پئسي کي مختلف ڪاروبارن ۾ لڳائي خوب منافعو ڪمائي ٿو، پر هي غريب پورهيت ويچارا پنهنجي غربت ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب ويتر پريشانين جي ور چڙهيو وڃن ٿا،

دراصل هتي مزدور طبقي جو استحصال سڀ کان وڌيڪ منافعاخور ظالم سرمائيدار طبقو ئي ڪري ٿو، هو پئسي ۽ منافعي جي لالچ ۾ هن مظلوم طبقي مٿان ايترو ته ظلم ڪن ٿا جو هو مظلوم ۽ معصوم طبقو روئڻ تي مجبور ٿيو پوي، هن ظالم طبقي لاءِ  انسانيت ڪا به معنيٰ نٿي رکي، هنن لاءِ  سڄو ڪجهھ پئسو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن بي احساس ۽ سامراج طبقي لاءِ  ” دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو” جو عظيم نعرو ڏيندڙ ۽ مزدورن جي محبوب اڳواڻ ڪارل مارڪس چيو هو ته جيڪڏهن سرمائيدار طبقي کي چيو وڃي ته رسا ٺاهيو جنهن مان توهان کي تمام زياده منافعو ٿيندو ۽ انهن ئي رسن سان توهان کي ڦاهي تي به ٽنگيو ويندو ته سرمائيدار طبقو اهو سوچڻ بنا منافعي جي لالچ ۾ رسا ٺاهڻ شروع ڪندو ته منافعو تمام گهڻو ٿيندو، 

سچ ته هتي مستحق کي حق ملڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي، ان ڪري ته مارڪس چيو هو، هڪ طبقاتي سماج ۾ غيرجانبداري حقيقت ۾ منافقت جو ٻيو نالو آهي، ان ڳالھه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان مزدور طبقي لاءِ  جهنم کان گهٽ ناهي، هن وقت هي طبقو وڏي پيڙا کي منهن ڏئي رهيو آهي، 

 هي غريب پورهيت پنهنجي زندگي به عجيب طريقي گذارين ٿا، پنهنجي غربت سبب ڏکن، بکن، دردن، سورن ۾ زارو قطار روئن، پر ڪنهن کي دانهن ڪونه ڏين، پگهر جو پورهيو ڪندڙ هي پورهيت انتهائي گهٽ اجوري تي ڪم ڪن ٿا، هي پورهيت صبح جو ستين وڳي کان شام جو ستين وڳي تائين سردي توڙي نٽهڻ اس ۾ ڳري کان ڳرو ڪم ڪن، پر افسوس هنن جي چوڏاهن ڪلاڪن واري محنت جو اجورو صرف ٽي سئو، کان پنج سئو، تائين محدود آهي، 

هن مختصر اجوري تي هنن جي گهر جو چرخو به ڏکيو هلي ٿو، هي پورهيت روزانو جي بنياد تي اٽو سبزي ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سامان ڪريانه اسٽور تان ڪمايل ڏهاڙي مان ملهھ تي وٺن، هن مهانگائي واري دور ۾ هنن جو گذارو تمام ڏکيو ٿئي ٿو، هنن لاءِ  سڀ کان وڏو مسئلو ماني آهي، 

 وڏا وڏا آفيسر ته صبح جي وقت اعليٰ قسم جا ناشتا ڪري پوءِ ڊيوٽي تي وڃن، پر هي محنت ڪش طبقو صبح جي وقت بنا ڪنهن ناشتي جي بکئي پيٽ محنت مزدوري تي وڃن، ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنهن مجبوري سبب ڪم تي ٿوري گهڻي دير پهچڻ سبب ٺيڪيدارن پاران هنن کي دڙڪا داٻا به نصيب ٿين، پر هي پورهيت طبقو پنهنجي غربت کي خدا جي رضا سمجهي خاموشي اختيار ڪن ٿا، هنن پورهيتن جي گهرن ۾ شل نه ڪا بيماري منهن ڪڍي، پوءِ ته ڄڻ هنن جي گهرن ۾ قيامت برپا ٿي هجي، سرڪاري اسپتالن ۾ هنن غريبن کي ته رڳو ڌڪا ئي نصيب ٿين ٿا ، تنهن ڪري هنن وٽ پئسي جي حيثيت ناهي هوندي جو هو پنهنجو توڙي پنهنجي گهرڀاتين جو علاج ڪنهن سٺي خانگي اسپتال مان ڪرائي سگهن، 

علاج ڪرائڻ جي حيثيت نه هئڻ سبب هنن جو مريض کٽن تي ئي پساھ پورا ڪيو ڇڏي،  سرمائيدار ته پنهنجي ٻچڙن جي هر دلي خوهش پوري ڪن ٿا، پر هي پورهيت پنهنجي هڏن جي محنت جو اجورو گهٽ ملڻ سبب پنهنجي لاڏلي ٻچڙن جون دلي خواهشون به پوريون ڪونه ڪن، جنهن سبب هنن جي ٻچڙن جون دلي خواهشيون غربت سبب مٽي ۾ دفن ٿيو وڃن، هي پورهيت غربت سبب پنهنجي گهٽ عمر واري ٻچڙن کي تعليم ڏيڻ بدران گهر جو گذر سفر ڪرڻ خاطر ڪنهن ڪم ڪار حوالي ڪيو ڇڏين، ظالم سرمائيدار هڪ ته هنن معصوم ٻچڙن کي پندرهن سئو ٻه هزار جيترو گهٽ اجورو ڏين، ٻيو ته وري هنن کان ڪم ذياده وٺن، ٽيون وري هنن سان عزت سان مخاطب به نه ٿين، سيٺين جي دوڪانن، هوٽلن  ۽ گريجن، تي هنن پورهيتن جي معصومن ٻارن کي اڙي، ووئي ۽ ڇورا، ڪري سڏيو ويندو آهي،

 هي معصوم شام جو ڪم تان موٽڻ شرط پنهنجي والدين کي پاڻ سان ڪيل ذيادتيون ٻڌائي پنهنجي والدين سان گڏ ضرور زارو قطار روئيندا هوندا، هي معصوم تعليم حاصل ڪرڻ، پاڙي جي ٻارن سان راند روند ڪرڻ ۽ والدين سان لاڏ ڪوڏ ڪرڻ جي عمر ۾ غربت سبب ڪنهن جبري پورهئي حوالي ٿيو وڃن، حق حلال ۽ پگهر جو پورهيو ڪندڙ هنن پورهيتن کي محنت جو گهٽ اجورو ملڻ سبب ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون، وقت جي حڪمرانن سميت هن پورهيتن جي حقن جي اڄ تائين ڪنهن به ڳالهھ ناهي ڪئي، اسيمبلن ۾ مختلف مسئلن جا بل پاس ته ڪيا وڃن ٿا، پر افسوس هي پورهيت طبقو اڄ تائين ڪنهن کي به ياد ناهي آيو، وقت جا ظالم ماڻهو هنن پورهيتن جي سار لهڻ بدران ويتر هنن کي ايذائن ٿا، هنن کان ۽ هنن جي معصوم ٻچڙن کان ڳرو ڪم وٺن ٿا، آخر هي پورهيت ڪنهن در ڏين دانهن، تنهن ڪري اسان وقت جي حڪمرانن کي هٿ جوڙي اپيل ڪنداسين ته هنن حق حلال جو پورهيو ڪندڙ پورهيتن جو اجورو گهٽ ۾ گهٽ في ڏهاڙي هزار کان ٻارانهن سئو ڪئي وڃي، جئين هي پورهيت پنهنجي معصوم ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي کي منهن ڏئي پنهنجو ۽ پنهنجي گهرڀاتين جو علاج ڪنهن سٺي اسپتال مان ڪرائي پنهنجي زندگي آسان گذاري سگهن .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.