سن جي قومي اسيرن جي مٿان ڪوڙا ڪيس ۽ انصاف وارو سوال

عامر انصاري

گذريل ڪيترين ئي ورھين کان سنڌ ۾ اُمن امان جي صُورتحال تمام خراب رهي آهي.  جمھوريت جي آڙ ۾ ملڪ ۾ آمريت جنم وٺي رهي آهي اُمن امان سان سڃاتي ويندڙ سنڌ ڌرتي سورن، تڪليفن ۽ ڏکن جو ديس بڻجي وئي آهي. سنڌ جو ڪو اھڙو ڳوٺ، شھر وستي واهڻ ۽ علائقو محفوظ ناھي ھر طرف ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ بربريت جو راڄ قائم ٿي ويو آهي ڪافي عرصي کان قانون لاڳو ادارن پاران قومي تحريڪن کي چٿڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن تنھن باوجود اُھا قومي تحريڪ رڪجڻ بجاءِ تيزيءَ سان وڌندي پئي وڃي.

جيڪي پنهنجي ديس جي حقن جي حاصلات لاءِ پير پٿون ڪري نٽهڻ اُس ۾ پنھنجي ڌرتيءَ ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ بغير ڪنهن لالچ لوڀ جي جدوجھد ڪندا رھن ٿا تن جي مٿان رياست بغاوت جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين پنهنجي مقصد تان هٽائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري رهي آهي نه صرف ايترو پر رات جي ڪاري اونداهي ۾ گھر جي چوديواري جو تقدس پائمال ڪري گھرڀاتين جي سامھون زبردستي ڌاڙيلن جيان گھرن ۾ گھڙي اُنهن جي ٻچڙن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ماضي کان وٺي سوين ھزارين سنڌي نوجوانن جا لاش گھرن مان نڪرندا رھيا آھن. سوين ھزارين سنڌي نوجوانن کي رياستي ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار بڻائي ڪيترن ئي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو جن جا نه لاش مليا نه ئي ڪو اتو پتو مليو.سڄي سنڌ ۾ قومي تحريڪ کي ڪچليو ويو ڪيترن ئي سنڌي ماڻهن کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪري انهن مٿان تشدد ڪري ڪوڙا/ ڦٽڪا وسايا ويا پنھنجن ئي شھرن ۾ ننڌڻڪو ڪري ماريو ويو سچ ڳالھائيندڙ جون زبانون ڪٽيون ويون سسيون ڌڙن کان ڌار ڪري رياست ھر دور ۾ پنھنجو ڏاڍ ۽ جبر قائم ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن جو قتلِ عام ڪيو آهي جيڪي سنڌ جي عشق جي ڏوھه ھِن وقت به جيل ڀوڳي رهيا آهن جن مان ڪجهه آزاد به ٿيا آهن ۽ واپس آيل ماڻهن مان ڪيترا ئي پنهنجا ذھني حواس وڃائي ويٺا آهن ته وري ڪجھه سنڌ جا سپاھي اَڃان به اُنهن ڪيسن کي منهن ڏئي رھيا آھن رياست پاران اُنهن سنڌ جي سپاهين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پنھنجي مقصد تان ھٽائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا پيا وڃن.

سنڌ ۾ بيتاب بادشاهه بڻيل پيپلزپارٽي جنھن وک وک تي اقتدار جي حوس ۾ سنڌ ڌرتي جو سودو ڪري سنڌ جي ماڻهن کي غلام بڻائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناھي ڇڏي ھر دور ۾ اھڙيون سازشون ڪري غريب عوام کي پيرن جي ھيٺيان لتاڙيو آهي وفاق جي آشيرواد تي سڄي سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي اقتدار ماڻڻ جي لاءِ سڄي دنيا جي تڙيل ۽ ڌڪاريل ماڻهن کي ووٽ جي لالچ ۾ سنڌ ۾ پناھگير ڪري کين سنڌ جون زمينون شهر ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ڏنا پيا وڃن ھميشه کان وٺي پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ جمھوريت لاءِ غريب عوام پنهنجون جانيون قربان ڪيون ۽ ھاڻي وارا اڳواڻ به اُھا دعويٰ ڪندا رھن ٿا هو قانون، آئين، عوام ۽ جمهوريت لاءِ جانيون ڏيندڙن جي نقشِ قدم تي هلي رهيا آهن جيڪڏهن اُهو سچ آهي ته پوءِ پُرامن سياسي ڪارڪنن خلاف بغاوت، غداري، ملڪ دشمني ۽ دهشتگردي جي الزامن تحت ڪيس ڇو داخل ٿي رهيا آهن؟ پيپلزپارٽي حڪومت ڪجهه به چوي ۽ ڪهڙو به موقف اختيار ڪري پر هن معاملي مان ڪنڌ نٿي ڪڍائي سگهي ڇو ته اُهو نج صوبائي معاملو آهي، ۽ اُهي ڪيس داخل ڪرڻ ۾ پوليس ملوث آهي ايف آءِ آرون ٿاڻن تي درج ٿي رهيون آهن ائين به ناهي ته ڪو عدالتن جي حڪم تي ڪيس داخل ٿي رهيا آهن. اهم ڳالهه هي آهي ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ صحافين خلاف به ملڪ دشمني ۽ دهشتگرديءَ جا ڪيس داخل ٿيندا رهيا آهن پيپلزپارٽي اُھا سنڌ دشمن پارٽي آهي جنھن ھميشه سنڌ کي کپائڻ جي سازش ڪئي، معدني وسيلن کي لٽيو، ھاڻي سنڌي ماڻھن تي ڪوڙا بغاوتي ڪيس ۽ چچريل لاش ڏنا آهن ۽ ڏيندي رھي ٿي ڄڻ ته سنڌ ھنن لاءِ شڪار گاهه بڻيل آهي هي سڀ ڪجهه ناقابلِ قبول ۽ ناقابلِ برداشت آهي پر اُن جي باوجود اُن ظلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو آڻڻ بدران اُن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو اُهو سوچڻ تي مجبور آهن ته سنڌ ۾ جمهوري سرڪار آهي، يا وري آمريت لاڳو آهي.

جيئن تازو ئي واقعو 25 اپريل 2022ع تي سائين جي ايم سيد جي ورسي واري ڏينهن پيش آيو ھزارن جي تعداد ۾ سنڌ جا عاشق سن کان واپس ايندڙ قومي ڪارڪن، عورتون، ٻار ۽ نوجوانن کي پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڄامشوري وٽان گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو جنهن ۾ 17 عورتن سميت 167 ماڻهن خلاف هنگامو ڪرڻ انتشار پکيڙڻ روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ بغاوت جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس گرفتار سياسي ڪارڪنن مان 87 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر ڪري کين حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو جتان کين 14 ڏينهن جي رمانڊ وٺي جيل موڪليو ويو ۽ 7 مئي تي ٻيهر ڪورٽ ۾ پڻ پيش ڪيو ويندو اھڙي واقعي کي ڏسندي ھر ھڪ سنڌي ماڻھوءَ ۾ ڪاوڙ ۽ غصي جي لھر ڇانيل آهي سڄي سنڌ ۾ سن جي قومي اسيرن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيا ويا جيڪي ھن وقت تائين ھلندڙ آھن جيڪي پنهنجي رھبر سائين جي ايم سيد سان وفائي جو وچن ورجائڻ ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو وچن ورجائڻ لاءِ سنڌ جي سياسي ڪعبي سن شهر وڃي رھيا ھئا تن کي زبردستي پڪڙي چور پوليس وارو کيل کيڏي گرفتار ڪري کنڀي گم ڪيو ويو نه صرف ايترو پر سنڌ جي نياڻين کي به ڪونه بخشيو ويو جيڪا سنڌي قوم نياڻين تي سر ڏيندي ھئي نياڻين کي ست قرآن سمجهيو ويندو هيو.تاريخ اِن ڳالهه جي گواهه آهي ته اَسان موھن جي دڙي کان ھر دور ۾ عورت کي لڇمي ديوي ۽ تخليقڪار سمجهيو آهي اھڙيون سازشون ڪري ھزارين ورھين جي تاريخ کي داغدار ڪيو ويو آهي اسان ته ننگن دنگن تي سر ڏيڻ واري سنڌي قوم آھيون جن سامراجي قوتن سان وڙھندي سرن جا نذرانا ڏئي لوئي ۽ لڄ کي محفوظ رکيو نڪي اُنھن جي تذليل ڪئي.

اسان ھر دور ۾ نياڻين جي عزت ڪئي نڪي اُنھن جون عزتون نيلام ڪيون جيڪڏهن ڪوئي اسان جي تڏي تي ھلي ايندو اسين خون معاف ڪنداسين پر اڄ ظلم جي انتها ٿي وئي ڌرتيءَ به اَسان جي، وسيلا به اَسان جا، ڳوٺ وستيون واهڻ به اَسان جا پوءِ به اسين لاوارثن جيان پنھنجي شھرن ۾ ماريان پيا وڃون جيڪڏهن  ڪو اڳواڻ يا قومي ڪارڪن آرٽيڪل 25 موجب پنھنجو جائز موقف رکي ٿو ته اُن مٿان تشدد ڪري مٿس بغاوتي ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا ۽ وري جيڪڏهن آئين جا آرٽيڪل 16 ۽ 17 ٽوڙڻ جي بنيادي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيون ٿا ته به اَسان لاءِ بغاوت جو نالو ڏنو وڃي ٿو باقي ڏھارين ۽ دهشتگردن کي کليل ڇوٽ مليل آهي جنھن کي جيئن وڻي تيئن ڪري ڄڻ قانون اُنهن جي ذاتي ملڪيت آهي باقي جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي جائز حقن ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي تحفظ سميت آئين جي آرٽيڪل 25 موجب پنهنجو جائز موقف رکن ٿا ته اُنھن مٿان بغاوت جا ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو پيو وڃي يا وري ورھين جا ورھيه گم ڪيو پيو وڃي جن جو ڪو ڏس پتو پئجي ناھي سگھيو، جن لاءِ وارث اکين مان ڳوڙها ڳاڙي ھر روز پريس ڪلبن تي احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن اِن اُميد سان  ته ڪڏهن ته اسان جا پيارا موٽي ايندا.

ھاڻي ته سنڌ سميت بلوچستان جي به ساڳي صورتحال آهي ھڪ طرف سنڌ مان سنڌي ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ته وري ٻئي طرف بلوچستان جي بلوچن ۽ اُنهن جي نياڻين کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي جن مان ڪيترائي مرد ۽ عورتن کي  قتل ڪيو ويو آهي جيڪي پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪندا رھن ٿا سڄي ملڪ جي صورتحال کي ڏسندي ملڪ ۾ جيئڻ ئي جنجال ٿي ويو آهي ھاڻي ته ملڪ ۾ پنھنجي حقن جي ڳالهه ڪرڻ ته ٺهيو پر پنھنجي اڳواڻن، ليڊرن، قومي شھيدن جي ورسي ۽ سالگرهه ملهائڻ تي به بغاوت، غداري ۽ مُلڪ دشمني جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن.

جيئن گذريل سال پنج ڊسمبر تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ تي شاگردن جي مٿان بغاوت، غداري ۽ ملڪ دشمنيءَ جا ڪيس داخل ڪيا ويا جيڪڏهن پنھنجي ڌرتيءَ قوم جا ڏينھن ۽ پنهنجي شھيدن جا ڏينهن ملهائڻ ڏوھه آهي ته اسان جو سنڌي ھجڻ به ڏوھه آهي

اَسان معزز عدالتن کي چئون ٿا ته اھڙن سنگين معاملن کي پنهنجي آئين ۽ حڪمن جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي ھي پرامن سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ صحافين خلاف ملڪ دشمني، غداري، بغاوت ۽ دهشتگرديءَ جا ڪيس داخل ڪرڻ بند ڪيا وڃن ۽ کنڀي گم ڪيل ماڻهن ۽ سن جي قومي اسيرن کي آزاد ڪيو وڃي جيئن ھو پنھنجن گھرڀاتين سان سڪون جي زندگي گذاري پنھنجي ٻچڙن جي اداس چھرن تان وڃايل خوشيون ۽ مرڪون وري ٻيھر بحال ڪري سگھن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.