ننڍڙي عمر ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ نياڻي ڪومل سنڌو

اصغر بروهي 

سنڌ جون عورتون توڻي نياڻيون وطن ۽ مظلومن جي جنگ ۾ سورمن سان گڏ پاڻ ملهايو آهي ان ڪري ئي سنڌ جي روحاني رهبر شاهه ڀٽائي جون ستئين سورميون به عورتون آهن جن کي شاعري ذريعي ڀيٽا ڏئي امر بڻائي ڇڏيو ملڪي ورهاڱي کان اڳ حر تحريڪ جون ويڙهاڪ عورتون هجن تان آزاديءَ کانپوءِ محبت سنڌ ريلي جي اڳواڻ غزالا بتول صديقي هجي ان تسلسل جي سوين سورمين ڌرتيءَ ۽ قوم لاءِ  ميدان عمل ۾ بيهي سر صدقي ڪيا جڏھن آئون( اصغر بروهي) 11 اگسٽ 2020ع تي  پنهنجي گهر ، خميسي ڳوٺ نئين ڪراچيءَ منجهان کنڀيو ويو هئس .  ان جي موٽ ۾ منهنجي مٽن مائٽن ۽ ھمدردن جڏھن ڪراچي پريس ڪلب آڏو  سخت احتجاج شروع ڪيا،  ته منهنجي هن ننڍڙي عمر جي سنڌ ڄائي نياڻيءَ ڪومل  گهگھ اونداه ۾ ٻٽون لڳل هٿياربندن پاران اسان جي اگهور ننڊ ستل گهر ڀاتين مٿان ڪيل اوچتي هلان ، ڏاڍ ، ڏهڪاء ، عورتن ۽ ننڍن ٻارن مٿان ڪيل تشدد کي سربستو وائکو ڪري،  حڪمرانن جا پتا پڌرا ڪري سندن  ايوانن اندر ٿرٿلو پئدا ڪري ڇڏيو هئو

ان ئي سلسلي ۾  گورنر هائوس اڳيان ٿيندڙ احتجاج ۾ جڏھن گورنر جو پي اي سنڌ جي قومي دانشور تاج جويو سان مليو ۽ احتجاج جا سبب پئي پڇيائين ، ته  اتي ڪومل سنڌوءَ سنڌ جي دانهن بڻجي سمورن کنڀي گم ڪيلن سميت پنهنجي کنڀيل بيگناھ پيءَ جي باري منجھه ڄاڻ ڏيڻ لڳي ته پي اي معلوم ڪرڻ چاهيو ته هي نياڻي ڪير آھي ۽ ڇا مسئلو آ جنهن تي تاج جويو چيو ته ٻين سمورن کنڀيلن ساڻ  هن جي والد اصغر بروهي کي به کنڀيو ويو آھي. تاج جويو انٽرويو ڏيندي چيو هو ته ڪومل جي دانهن ٻڌي گورنر جي پي اي جون به اکيون ڀرجي آيون هيون.

ان احتجاجي قافلي پاران احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ بعد ،  گورنر هائوس کان  ڪراچي پريس ڪلب طرف  واپس اچي احتجاج شروع ڪيو ويو هو بي ڏوهي کنڀيل پنهنجن پيارن جي آزاديءَ لاءِ  اڀ ڏاريندڙ نعرا به هنيا پئي ويا ته تقريرون به ڪيون پئي ويون .  ان وقت ڪنهن اردو چينل جي نمائندي  ڪومل کان احتجاج جو سبب معلوم ڪرڻ چاهيو ته ان اردو چينل واري کي هن ٻاگهيءَ گجگوڙ ڪندي سنڌ جي دانھن بڻجي  چيو هئو ته اسان سنڌين سان ڄاڻي ٻجهي ڏاڍ ء ظلم پيو ڪيو وڃي. جنهن تي ڀرسان بيٺل  ڪنهن ٻئي اداري جي نمائندي  سوال ڪيو ته هي نياڻي  ڪير ۽ ڪنهن جي ڌيءَ آهي ،جيڪا للڪار بڻجي پئي ڳالهائي . جنهن تي کين جواب ۾ چيو ويو  ته نيٺ اصغر بروهي جي ڌيءَ آهي ، پنهنجي پيءَ واري ٻولي ئي ڳالهائيندي ،،،،،،،ڪومل سنڌوء َسموري سوشل ميڊيا ۽ صحافين جي اکين ۾ لڙڪ ڏئي ڇڏيا هئا ،

اڄ ڪومل سنڌوءَ جو جنم ڏينهن آهي ، ان ڏينهن جي نسبت سان هڪ پيءَ جي حيثيت ۾ کيس زندگيءَ جون اڻ ڳڻيون خوشيون ماڻڻ جون واڌايون ڏيندي، پنهنجي ويڙهيچن سان وفا واري  وچن نڀائڻ جي اميد به رکان ٿو ۽ آئون خوشنصيب والد آهيان جو الله پاڪ مون کي اهڙي بهادر نياڻي عطا ڪئي جيڪا انساني حقن جو احترام چاهي ٿي ۽ هر ڏاڍ خلاف آواز به اٿاري ٿي ڪومل سنڌو کي جنم ڏڻ جون انيڪ واڌايون هجن شل ڌرتي جي دلير نياڻي قوم سان هر ڏک ۾ ساٿ نڀائيندي رهي

 

جان جان جيئن جَل، ڪانهي جاءِ جلڻ ريءَ 

تتيءَ ٿڌي هَل، ڪانهي ويل ويهڻ جي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.