عيد جون خوشيون سوڳ ۾ بدلائيندڙ ”روڊ حادثا“

عيد جي خوشين ڀرئي ڏينهن تي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پيش آيل روڊ جي حادثن ۾ ڪيترا ئي ماڻهون پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا جنهنڪري هنن جي گهرن ۾ هي خوشين جو موقعو سوڳ واري ماحول ۾ بدلجي ويو.ان دوران هڪ دل جهوريندڙ حادثو ته قاضي احمد قومي شاهراهه تي ٿيو.جنهن ۾ ڏهه حياتون اجل جو شڪار ٿي ويون، جنهن ۾ ننڍڙا ٻار به شامل هئا.ملڪ جي مختلف علائقن مان اهڙن حادثن جا اطلاع مليا آهن.

بد قسمتي سان اسان جنهن معاشري جو حصو آهيون اتي ڪو به اهڙو نظام نه آهي جنهن سان اهڙن حادثن کي روڪڻ جي لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ ورتا وڃن، سڌريل ملڪن ۾ به يقينن اهڙا حادثا ٿين ٿا پر اتي قانون جي عملدار هئڻ ڪري انهن جو تعداد گهڻو گهٽ آهي.

عيد جي خوشي  واري موقعيتي  لڳ ڀڳ سموري ملڪ ۾ روڊ جا حادثا ٿين ٿا،جن کي روڪڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارا پاڻ تي ڪا به ذميواري کڻڻ جي لاءِ تيار نه هوندا آهن.يا وري انهن واقعن جي ڪا اهڙي ڇنڊڇاڻ به نٿي ٿئي جنهن سان واقعي جي اصل سببن کي ڳولي ۽ انهن کي ممڪن حد تائين ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪا رٿابندي ڪري سگهجي.

ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ عيد جي ٻن ڏينهن دوران روڊ حادثن ۾ 14 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا،جنهن جي لاءِ شهرين ۽اختيارين جو چوڻ آهي ته اهڙن گهڻن واقعن جو تعلق نوجوانن جي لاپرواهي واري ڊرائيونگ سان آهي،ان ڏس ۾ ڪجهه وقت کان اهو ڏٺو ويو آهي ته هر هنڌ تي موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ ڊرائيونگ ڪئي ويندي آهي، جنهن سان اهڙا حادثا وڌيڪ ٿين ٿا.

ڪجهه سال اڳ جڏهن اڃان ڪنهن حد تائين قانون جي حڪمراني هوندي هئي تڏهن ڪنهن به نابالغ فرد کي موٽر سائيڪل هلائڻ جي اجازت نه هوندي هئي.هن وقت به جنهن شخص وٽ سي اين آءِ سي نه آهي اهو قانوني طور تي ڪا به گاڏي هلائي نٿو سگهي پر ان تي لاڳاپيل ادارا مڪمل عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، اهو درست آهي ته هن وقت موٽر سائيڪلن جو تعداد به وڌيو آهي پر لاڳاپيل قانون تي عمل ڪرائڻ کان ادارن کي ڪنهن به روڪيو نه آهي.

حادثن جو هڪ وڏو سبب روڊن جي خراب حالت پڻ آهي پر گاڏين هلائڻ ۾ لاپرواهي ان جو اهم سبب سمجهيو وڃي ٿو۽ قانون جي  عملداري نه هئڻ اهڙن حادثن جو ٻيو وڏو سبب قرار ڏنو وڃي ٿو.ڪراچي جي شهرين موجب  شهر ۾ ڪافي هنڌن تي موٽر سائيڪل سوار خطرناڪ ڪرتب ڏيکاريندا۽ ون وهيلنگ ڪندا رهيا جن کي روڪڻ وارو ڪو به نه هو.رش ۽تڪڙ جو بهانو ڪندي  رڪشائن وارا به قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا رهيا، تيز رفتاريءَ دوران بسون پڻ ڪلٽي ٿيون، ماڙيپوڙ، پهلوان ڳوٺ، جيل چورنگي، يونيورسٽي روڊ، لياقت آباد، اسٽيل ٽائون، لنڪ روڊ ،نادرن باءِ پاس، ڪٽي پهاڙي، گورا قبرستان ۽ ٻين علائقن ۾ اهڙن حادثن دوران عيد جي ٻن ڏينهن ۾ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهو  زخمي ٿي پيا. تيز رفتاري ۽ لاپرواهي ان جا سبب قرار ڏنا پيا وڃن. زخمين  ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، پوليس ۽ ريسڪيو سروسز عملدارن موجب فوت ٿيلن  ۾ اڪثر موٽر سائيڪل سوار هئا. ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچيءَ جو چوڻ آهي ته افسوسناڪ حادثا موٽرسائيڪل ۽ ڪار جي ريسنگ جي ڪري پڻ پيش آيا آهن .

هن وقت جديد ٽيڪنالوجي موجود آهي ۽جيڪڏهن سرڪار ان تي سنجيدگي سان ڪم ڪري ۽ حادثن کي روڪڻ جي لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي ته ان سان انساني حياتي کي ڪافي حد تائين محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.

پهريون ڪم ته سنڌ جي لاڳاپيل اداري کي اهوڪرڻ گهرجي ته جنهن وٽ پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نه هجي ان کي ڊرائيونگ جي اجازت نه ڏني وڃي. ٻيو ڪم اهو ڪجي جو جيڪو به غلط ڊرائيونگ ڪري ان تي ڳرو ڏنڊ وڌو وڃي ،ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي کي ڏوهه شمار ڪندي ان موجب تجويز ڪيل سزا تي عمل ڪرايو وڃي.اهو ٺيڪ آهي ته جڏهن به اهڙو ڪو  بحث شروع ٿيندو آهي ته لاڳاپيل ادارو پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ڪجهه انگ اکر پيش ڪري موقف وٺندو آهي ته اهو ڪارروائي ته ڪري پيو، اسان کي هتي اها ڳالهه ڪرڻي آهي ته جيڪڏهن ان تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي ها ته ماڻهن ۾ قانون جو احترام پيدا ٿئي ها ٻيو ته ان جو اهڙو نتيجو به نڪري ها جنهن سان ان جو معاشري تي اثر به پوي ها. جيڪو به قانون عمل ۾ ايندو آهي ان جا مجموعي طور تي معاشري تي مثبت  اثر پوڻ شروع ٿيندا آهن. تنهنڪري ضرور لاڳاپيل اختياريون ان تي عمل ڪنديون هونديون پر اهو سڀ ڪجهه خانا پوري آهي، ٻي صورت ۾ ان جو به هاڪاري نتيجو نڪري ها.

هي ته عيد جو موقعو هو پر جشن آزادي يا وري ڪنهن اهڙي خوشي واري موقعي تي سموري سنڌ ۾ نوجوان انتهائي لاپرواهي سان تفريحي ماڳن تي نڪرن ٿا جيڪي ون ويلنگ توڙي سمنڊ جي ڪنارن تي يا وري ٻين هنڌن تي اهڙن حادثن جو شڪار ٿي ڪري پنهنجي گهر ڀاتين جي لاءِ هڪ دائمي ڏک  جو سبب بڻجن ٿا. اسان سمجهون ٿا ته اهڙو لاڙو ڪنهن به طرح سان هن سماج جي لاءِ ڪو مثبت عمل نه آهي تنهنڪري مائٽن سان گڏ معاشري ۽ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جو اهو بنيادي فرض ٿو ٿئي ته اهڙن حادثن کي روڪڻ جي لاءِ قانون تي عمل ڪرائڻ بابت عملي قدم کنيا وڃن جنهن سان اهڙن امڪاني حادثن کان بچاءُ ممڪن بڻجي سگهي.

انسان کي زندگي هڪ ڀيرو ئي ملي آهي جنهن جو ڪو به نعم البدل نه آهي، تنهنڪري پنهنجين ۽ ٻين جي خوشين کي ماتم ۾ تبديل ڪرڻ کان پاسو ڪريو ۽ پنهنجي حياتيءَ جو قدر ڪريو.محتاط ڊارئيونگ سان پاڻ کي ۽ ٻين کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.