ڪراچي:نينگري اغوا ڪيس ۾گرفتار 2 جوابدار ڀائر جيل حوالي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني مان بازياب ڪرايل نينگريءَ جي اغوا ڪيس ۾ گرفتار ٻن ڀائرن ارشاد ۽ جمشيد کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.عدالت ٻنهي جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدار ارشاد نينگري نازنين سان ملتان ۾ پسند جي شادي ڪئي آهي.عدالت نارنين جي عمر جو تعين ڪرڻ لاءِ طبي معائنو ۽ پوليس کي نڪاح نامي جي تصديق جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وڪيل جو چوڻ هو ته جمشيد جو هن ڪيس سان تعلق نه آهي، ان ڪري هن کي بري ڪيو وڃي.عدالت جوابدار جي وڪيل جي استدعا رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.