ڪراچي بورڊ پاران 17 مئي کان ڏهين جماعت جاامتحان

ڪراچي (رپورٽر) ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سالياني امتحانن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي ترجمان موجب 17 مئي تي ڏهين جماعت جو پهريون پرچو ٿيندو، امتحانن جو مڪمل شيڊيول ايندڙ هفتي جاري ڪيو ويندو، امتحانن کي فول پروف بنائڻ جا انتظام ڪري رهيا آهيون. ترجمان موجب هن سال سمورن مضمومن جا پرچا ورتا ويندا، 40 سيڪڙو ايم سي ڪيوز، 40 سيڪڙو مختصر ۽ 20 سيڪڙو ڊگها سوال شامل ڪيا ويندا. ترجمان موجب امتحان اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي فيصلي تي ورتا پيا وڃن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.