سنڌڙي ۾ بدفعلي جو نشانو بڻيل شاگرد کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سوين ماڻهو سراپا احتجاج

سنڌڙي (رپورٽ:ڪاشف شر) هڱورنو ۾ ڇهين  ڪلاس جي شاگرد ڪيلاش سان بدفعلي ڪيس ۾ضمانت تي آزد ٿيل جوابدار گل شر جي گرفتاري لاءِ  سنڌڙي ۾هاءِ اسڪول ڪاٺڙي، هاءِ اسڪول سنڌڙي ۽ هاءِ اسڪول سلطان مهاجر جي استادن، شاگردن ۽ سول سائٽي جي نمائندن مک چوڪ تي شديد گرمي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب  ميرپورخاص، کپرو ۽ سانگهڙ ڏانهن ايندڙ ويندڙ  ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي استاد ارباب سميجو، غلام فاروق بروهي، حبيب الله ڇڄڙو، حسيب ڪانهيو، واجد لغاري، ياسر ڪلاڪ، اڪبر شر، اعجاز شر، گل حسن لاشاري ۽ ٻين چيو ته شاگرد سان بدفعلي ڪيس ۾جوابدار ميرپورخاص جي عدالت مان عبوري ضمانت ڪرائي ورتي، جنهن  سان  صورتحال  خراب ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گل شر جي عبوري ضمانت رد ڪري کيس گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي شاگرد ڪيلاش سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.