حادثو قتل ڪرڻ جو نئون طريقو آهي: شهباز گل

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خاص صلاحڪار شهباز گل گذريل ڏينهن موٽر وي تي پيش ايندڙ حادثي جي تفصيلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي شهباز گل چيو ته اسان کي پنهنجي قوم تي فخر آهي. پرويز الاهي سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڏسي وٺو ۽ مون سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو به ڏسي وٺو. شهباز گل عدالت ۾ چيو ته اسان موٽر وي تي وڃي رهيا هئاسين ته اوچتو جڏهن گاڏي منهنجي پٺيان چاڙهي وئي ته اسان رستو ڏنو، جڏهن منهنجي گاڏي ٻين گاڏين ۾ ڦاسي وئي ته هن گاڏي کي ٽڪر هنيو. هن چيو ته ڪالهه جيڪو ماڻهو هو اهو يا مري وڃي رهيو هو يا ڦڦي سان سان ملڻ وڃي رهيو هو، اهو قتل ڪرائڻ جو نئون طريقو آهي هاڻ اهو معاملو ختم نه ٿيندو، صحافين سان ڳالهيون ڪندي شهباز گل چيو ته اسان جي خاندانن ۾ هڪ شيءَ سيکاري ويندي آهي ته وفاداري ضرور نڀائڻي آهي. منهنجو واعدو آهي ته عمران خان سان گڏ پاڪستان جي بقا لاءِ بيٺل هوندس. منهنجي جان به هلي وڃي ته الله جي ڪرم ۽ نبي صه جي دعا سان خان سان گڏ بيٺل هوندس ۽ هڪ انچ به پوئتي نه هٽندس. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڪنهن جو نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته اوهان کي منهنجي جان وٺڻي آهي ته شوق سان وٺو. ٻيهر حادثو ڪرايو، حملا ڪرايو ٻيون ڀيرو اوهان شايد گوليون هڻندا جيڪو اوهان جي وس ۾ آهي اهو ڪريو، خاندان جي لاءِ منهنجو عزم ڪڏهن به گهٽ نه ٿيندو، هن چيو ته عمران خان صرف پاڪستان جو نه پر سموري مسلمان دنيا جو اڳواڻ آهي. هو هن قوم جي شان آهي. مون جهڙيون 100 جانيون به عمران خان جي مقصد تي قربان آهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار اهي ماڻهو هوندا جنهن جا نالا عدالت کي لکي ڏنا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.