پ پ ايم اين اي پير امير علي شاھ قتل ڪيس مان آزاد

عمرڪوٽ/پٿورو (ڊ ر+ن ع آ) عمرڪوٽ جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي جيلاني جماعت جي روحاني پيشوا پ پ ايم اين اي پير امير علي شاھ جيلاني سميت ٻين کي بري ڪري ڇڏيو. غلام نبي شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد سمون ۾ ڏيڊ سال اڳ اوطاق تي ويٺل شوڪت سمون کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد ڪيل جيلاني جماعت جي روحاني پيشوا پ پ ايم اين اي پير امير علي شاھ جيلاني، محمد بخش نھڙي، نور محمد سميجو، محمد جمن سمون، اميرالدين سمون، ڌڻي بخش سمون ۽ محمد رمضان سمون تي قتل وارو ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت فيصلو ٻڌائيندي ڄاڻايل جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. واضح رھي ته مقتول کي سندس اوطاق تي ويٺل ھئڻ دوران گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو ھو، جنھن جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ مير محمد سمون جي فرياد تي جيلاني جماعت جي روحاني پيشوا پ پ ايم اين اي پير امير علي شاھ جيلاني سميت 11 ڄڻن خلاف غلام نبي شاھ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.