پاڪستان ۾ ٻڌايل انگن کان ڪورونا ۾ اٺوڻ تي فوتگيون، نئون پينڊورا باڪس کلي ويو

اسلام آباد (م ڊ) ڪورونا وگهي فوتگين بابت صحت واري عالمي اداري جي رپورٽ هڪ نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو. رپورٽ موجب دنيا ۾ ڪورونا ۽ ان جي اثرن سبب ڏيڍ ڪروڙ فوتگيون ٿيون آهن، پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي فوتگين جو جيڪو سرڪاري انگ ڏيکاريو ويو آهي ان کا 8 ڀيرا وڌيڪ فوتگيون ٿيون. اهوئي نه پر مصر، ڀارت، ميڪسيڪو ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪورونا سبب گهٽ فوتگيون ٻڌايون ويون آهن، ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ ڪورونا سبب فوتگيون سرڪاري انگن اکرن کان 10 ڀيرا وڌيڪ ٿيون آهن. ڪورونا وائرس وگهي ڀارت ۾ 47 لک ماڻهو موت جو شڪار بڻيا پر ظاهري طور تي صرف 5 لک ماڻهو ٻڌايا ويا آهن.

ڊاڪٽر فيصل سلطان پاران عالمي اداري جي رپورٽ غلط قرار

اسلام آباد (م ڊ) صحت بابت اڳوڻي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا وائرس وگهي فوتگين بابت صحت جي عالمي اداري بابت رپورٽ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو، پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته مون کي ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ تفصيل سان ڏسڻي پوندي. ڪورونا وگهي فوتگين جو انگ ڏسڻ لاءِ اسان قبرستان جو رڪارڊ به چيڪ ڪيو ۽ اهو رڪارڊ اسان پنهنجي سسٽم ذريعي چيڪ ڪيو. هن چيو ته اسان جو ڪورونا وگهي فوتگين جو رڪارڊ صحيح هو. جڏهن ته فوتگين جو رڪارڊ 100 سيڪڙو صحيح هجڻ ممڪن ناهي. ان ۾ 10 کان 30 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي سگهي. پر 8 ڀيرا ناقابل اعتبار آهي، ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ڊبليو ايڇ او واري رپورٽ جي بنياد فرضي انگ اکر تي ٻڌل آهي جنهن جا انگ اکر صحيح نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ آڪسيجن جي سپلائي ۾ مسئلا پيدا ٿيا پر اسان کي آڪسيجن ۽ بيڊ جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.