ايندڙ هفتي کان گرمي جي واڌ، پاڻي کوٽ وڌڻ جو خدشو

اسلام آباد (م ڊ) موسميات کاتي ايندڙ هفتي کان سموري ملڪ ۾ سخت گرمي پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب هوا جي وڌيڪ دٻاءُ سبب ايندڙ هفتي دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گرمي پد ۾ واڌ جو امڪان آهي، سخت گرمي جي لهر سبب مٿانهين ۽ وچولي سنڌ، وچولي ۽ ڏکڻ پنجاب، بلوچستان ۾ گرمي پد معمول کان 06 کان 08 سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته مٿانهين پنجاب، اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڏينهن جو گرمي پد 07 کان 09 سينٽي گريڊ وڌي سگهي ٿو. موسميات کاتي وڌيڪ چيو آهي ته سخت گرمي ۽ خشڪ موسم سبب آبي ذخيرا، فصلن، سبزين ۽ باغن کي پاڻي جي کوٽ جو خطرو آهي پر ايندڙ هفتي دوران گرمي پد ۾ واڌ سبب دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي عوام کي گرمي کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن، وڌ کان وڌ پاڻي جي استعمال ۽ هارين کي موسمي حالتن موجب فصلن کي پاڻي ڏيڻ جو مشورو ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.