سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو کان وڌي وئي، زراعت تباهه، وزيراعظم نوٽيس وٺي :سنڌ سرڪار

ڪراچي( رپورٽر)  سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو کان وڌي وئي، سنڌ سرڪار پاڻي کوٽ کي زرعي معيشت لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو.  ارسا جي دعوائن باوجود گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن تي  لاٿ برقرار،تربيلا ڊيم ۾ ٽن مهينن کان ڊيڊ ليول تي هئڻ بعد ذخيرو شروع ٿي ويو. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي سطح 1407 ۽  منگلا ۾ پاڻي جي سطح 1081 فوٽ ٿي وئي، گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو گهٽجي رڳو 29 هزار 700 ٿي ويو، سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ 43 سيڪڙو تي پهچڻ باوجود ساڄي پاسي جي ڪئنالن ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو. هوڏانهن سنڌ سرڪار زرعي پاڻي گھٽ ملڻ کي زرعي معيشت لاءِ خطرو قرارڏئي ڏيندي چيو آھي ته سنڌ کي حصي جو زرعي پاڻي نه ملڻ سبب زرعي معيشت خطري ۾ آھي، وزيراعظم نوٽس وٺي. زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ وڌيڪ پنھنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 53 سيڪڙو تائين پھتي آھي، پاڻي جي کوٽ ڏينھون ڏينھن وڌندي پئي وڃي، سنڌ ۾ پاڻي بحران واري صور تحال برقرار رھي ته فصلن کي وڏو نقصان پھچي سگھي ٿو. زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته پاڻي کوٽ سبب سنڌ ۾ ڪمند، انب، چاور، مرچ، زيتون ۽ کجين جي باغن کي نقصان پھچڻ جو خدشو آھي، گذريل پي ٽي آئي حڪومت ۾ آڪٽوبر 2018کان مارچ2022  تائين سنڌ کي 189.29 ملين ايڪڙ فٽ زرعي پاڻي حصي کان گھٽ مليو، پي ٽي آئي حڪومت جي گذريل 3 سالن ۾ سنڌ کي خريف ۾ 16 سيڪڙو ۽ ربيع ۾ 22 سيڪڙو پاڻي گھٽ مليو. منظور وساڻ چيو ته اڳوڻي حڪومت ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب اھم فصلن سبزي ۽ ميون جي باغن جي پيداوار کي ڪافي نقصان پھتو، عمران خان جي حڪومت ۾ سنڌ کي حصي جو پاڻي گھٽ ملڻ ڪري گذريل سان ڪڻڪ، چانورن ۽ ڪپھ جو فصل گھٽ ٿيو، جنھن سبب سنڌ جي آبادگارن کي اربين رپين جو نقصان ٿيوآھي،عمران حڪومت ۾ سنڌ کي حصي جو پاڻي پورو ملي ھا ته سنڌ جون زرخيز زمينون متاثر ۽ فصلن جي پيداوارنه گھٽجي ھا، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي پورو ڏنو وڃي، ڪٽوتي ڪنھن صورت ۾ قبول ناھي، پاڻي ختم ٿي رھيو آھي. 03

پاڻي ڏيو:چمبڙ ۾ آبادگارن جي بک هڙتال

چمبڙ (ن ع آ) چمبڙ م ميراکوري، چاڪر شاخ ۽ زنئور شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن نائين ڏينھن به آبپاشي آفيس جي مک گيٽ آڏو بک هڙتال جاري رکي.ان موقعي تي مولا بخش لغاري، امير بخش لغاري، مقبول لغاري، دل جان لغاري ۽ ٻين آبادگارن چيو ته رشوت عيوض اسان جي حصي جو پاڻي منڍ جي بااثر آبادگارن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، اسان وٽ شاخن جي پڇڙين ۾ پاڻي نه آھي، تلاءَ سڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن، ھنن جو چوڻ ھو ته ھن وقت وونئڻ جي پوکائي ھلي رھي آھي پر پاڻي نه ھئڻ سبب پوکائي نھ ٿي سگھي پر پوکيل فصل به پاڻي نه ھجڻ سبب سڪي تباھ ٿي ويا آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي شاخن ۾ پاڻي ڇڏي اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

خيرپور ضلعو پاڻي کوٽ سبب سخت متاثر،احتجاجي مظاهرا

خيرپور (ڊ ر) خيرپور ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي وئي،ڪولاب جيئل مائينر، فيض واھ، عالي واھ، سنھڙو واھ، فيض گنج مائنر، لکي مائنر، پڻي مائنر، آروڙو واھ ۽ ٻين شاخن ۾ گذريل چئن مھينن کان پاڻي نه ڇڏيو ويو آهي، جنهن عمل خلاف خيرپور  ضلعي جي آبادگارن ڪولاب جيئل، ٽنڊو مستي، ديهھ سوھو، سئي گئس، ملڪن جي چودڳي، لونگ فقير ۽ ٻين ھنڌن تي احتجاجي مظاھرا ڪيا ۽ آبپاشي کاتي خلاف سخت نعري بازي ڪئي.ان موقعي تي ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳوڻ مير منور ٽالپر، ايڊووڪيٽ احمد خان جکڙ، محمد علي سھتو، عبدالوحيد ڪٽوھر، فقير ذاڪر حسين رند  ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته چئن مھينن کان وٺي اسان جي واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه ڏنو ويو آهي،ڪڻڪ جو فصل سخت متاثر ٿيو ۽ ھينئر وري وونئڻ، جوئر ۽ ٻاجھري جو فصل به پوکي نه سگھيا آهيون.

سنڌ ۾ پاڻي جي ورڇ جو مسئلو آهي: وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پاڻي چوري خلاف آپريشن جو فيصلو ڪري ورتو آهي، رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ واٽر بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير سعيد غني، ناصر شاهه، چيف سيڪريٽري ۽ واٽر بورڊ جي اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي کي 1000 ايم جي ڊي پاڻي جي ضرورت آهي ۽ هن وقت ڪراچي کي 580 ايم جي ڊي پاڻي جي سپلاءِ جاري آهي. پاڻي جي 174 ايم جي ڊي لائن لاسز آهن.، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته شهر ۾ وڇايل پاڻي جون لائنون تمام گهڻيون پراڻيون آهن جنهن سبب پاڻي ضايع ٿيندو آهي. اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ پاڻي جي ورهاست جو مسئلو آهي. پاڻي جون لائنون وڇائڻ لاءِ پراڻا واٽر سپلاءِ پائپ تبديل ڪرڻا پوندا ۽ واٽر سپلاءِ سسٽم کي بهتر ڪرڻ لاءِ 1.59 ملين روپين جي اسڪيم جاري آهي. وڏي وزير ايندڙ مالي سال ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي اسڪيم کي پوري فنڊنگ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان سان گڏ ئي اسڪيم تي ڪم تيز ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا، مراد علي شاهه چيو ته اسڪيم تي ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي ان کي تيز ڪيو وڃي. شهر جي هر علائقي کي پاڻي ملڻ گهرجي. جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه شهر ۾ پاڻي جي چوري خلاف آپريشن جو به فيصلو ڪيو.

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سنگين ٿي وئي، ٺاهه موجب حصو ڏنو وڃي: صنعان  قريشي

حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ،امجد خان مهيسر ،ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ ،مومن سمون،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو گڏيل مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ سنڌي وسدين کي ته پڪو نٿو ڪيو وڃي پر ڌارين جي آبادي کي پيپلزپارٽي جي سرڪار پاران پڪو ڪري ڌارين، افغانين، بھارين، برمين کي سموريون سهولتون ڏئي ڪراچي ۾ آباد ڪيو پيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، سنڌو درياھ ۾ 1991 پاڻي ٺاھ مطابق ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم ايف پاڻي ڇڏيو وڃي ته پاڻي جي کوٽ ڪجهھ ختم ٿي سگهي ٿي، ٻئي پاسي سيد جي 27 ورسي جي اسيرن جي سياسي ۽ قانوني مالڪي جي حوالي سان جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ ،ديدار شام حيدرآباد سينٽرل جيل پهچي جسقم اڳواڻ گلزار شاھ جيلاني، اياز ديشي ،محمد علي اڄڻ سميت ٻين سن جي اسيرن سان ملاقات ڪئي، اسيرن جيل انتظاميا پاران جيل مينوئل مطابق سهولتون نه ڏيڻ جون شڪايتون ڪيون، جڏهن ته مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ دهشتگردن کي جيل مينوئل کان وڌيڪ سهولتون ميل آهن، دهشتگردن جون ملاقاتون وي آئي پي انداز ۾ جيل ماڙي ۾ ٿي رهيون آهن، جڏهن ته سن جي اسيرن جون ملاقاتون انٽر ڪام ذريعي شيشي مان ٿي رهيون آهن، اسيرن کان پيسا ورتا ويا آهن، اسيرن جون سامان ۽ ماني به ٺيڪ طريقي سان نٿي پهچائي وڃي، اهڙي صورتحال تي هنن سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته سن جي اسيرن کي سهولتون نه ڏنيون ويون ته احتجاج جو سڏ ڏينداسين، جڏهن ته اڄ اي ٽي سي هڪ ڪورٽ حيدرآباد ۾ سن جي اسيرن جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿيندي، مرڪزي پڌرائي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته جساف مرڪزي چيف آرگنائيزر اشرف ڪلھوڙو چيو آهي ته بنا جواز جي قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه مان شاگرد سھيل جمالي، حسنين مستوئي سجاد کوسو، حمزا آرائين ،اساما انڍڙ،امجد مگسي،وقار جمالي ،حسن آرائين رسيٽڪيٽ ڪيو ويو آهي، جنهن جي مذمت ٿا ڪيون .03

ڪيٽي بندر ۾پاڻي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي،احتجاجي مظاهرو

ڪيٽي بندر (ن ع آ) ڪيٽي بندر ۾پاڻي جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي. پالڪي شاخ، جهالو شاخ، دارسي شاخ، کائنٽي واهه، گليل مائينر ۾پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف سنڌ ايگريڪلچر ورڪرز يونين اين ٽي ايف جي علي رضا وڻجارو، آبادگار غلام حسين احمداڻي،حاجي خان ٺارواڻي، سومار احمداڻي، عبدالواحد ڀڙج، سومار ملاح، حاجي ٺارواڻي، پيرل بلوچ،حنيف داد، رحيم بخش جي اڳواڻي ۾سوين آبادگارن، هارين ۽ ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.هنن چيو ته ايريگيشن عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن پاڻي جي هٿرادو کوٽ پئدا ڪري ڇڏي آھي.هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب فصل سڙي ويا، هزارين ايڪڙ زرخيز زمينون بنجر  بڻجي ويون آھن، اڃ وگهي ماڻھو تڙپي رهيا آھن، چوپايو مال به اڃ وگهي مري رهيو آھي پر تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ايريگيشن عملدارن کي هتان جي هاري آبادگار ڳوٺاڻن ۽ مالوند ماڻھن جو ڪو به احساس ڪونهي. ھنن گھر ڪئي ته لاڙ سميت پوري سنڌ مان پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪئي وجي.

سنڌ جو پاڻي مسئلو حل نه ٿيو ته بغاوت ٿيندي: سنڌ هاري ڪاميٽي

حيدرآباد (پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي، جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي پاران گڏيل جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي سنڌو دريا تي پاڻي جو حق سنڌين جو آهي پنجاب غيرقانوني ڪئنال هلائي پاڻي غيرقانوني کڻي رهيو آهي اهڙي قبضي کي رد ڪيون ٿا سنڌ هاري ڪاميٽي پاڻي کوٽ جو ذميوار سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار کي سمجهي ٿي گڏيل طور تي سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي ڪئي پئي سنڌ جا هاري آبادگار پورهيت متحد ٿين سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هن وقت پاڻي جي کوٽ 60 سيڪڙو کان شدد اختيار ڪري چڪي آهي اڌ سنڌ ۾ پيئڻ لاءِبه پاڻي ناهي سنڌو جهڙي بادشاه دريا جا مالڪ سپ پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن. اها حڪومت جي نااهلي آهي جو  سنڌ جي پاڻي ڪيس کي صحيح معني ۾ نٿي اٿاري .  اڳواڻڻ چيو ته ملڪ جون طاقتور ڌريون سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺن ۽ هميشه لاءِ مسئلو حل ڪرائين نه سنڌ اندر سخت قسم جي بغاوت ٿيندي . 03

عادل پور  ۾آبپاشي عملي  قاضي واھ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو

عادل پور (ن ع آ) عادل پور لڳ قاضي واھ سميت مختلف واھن ۾ اڃا تائين پاڻي نه ڇڏيو ويو آهي، پاڻي نه ھئڻ ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل  ڪمند ۽ ووئڻن سميت ٻيو فصل سڪڻ لڳو آهي جڏهن ته پاڻي نه ھئڻ ڪري آبادگار وونئڻ ۽ ڪمند جي پوکائي نه ڪري سگهيا آهن. ان حوالي سان آبادگارن عبدالرئوف، بشير احمد صھيب احمد، قربان علي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته آبپاشي کاتي جي آفيسرن قاضي واهه سميت ٻين واھن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. پاڻي وقت سان نه پھچڻ ڪري وونئڻن، ڪمند ۽ ڀاڄين جو فصل سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي، جڏھن ته مختلف سبزيون توڙي ڪمند سڪي سڙي تباھ ٿي رهيو آهي.هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته قاضي واھ ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن آبادگار پريشاني کان بچي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.