لاهور ۾ ديرو ڄمائڻ جو اعلان، ڀڄي وڃان ها ته چئو ها لنڊن ويٺل وڌيڪ سٺو آهي: آصف زرداري

نواب شاھ  (رپورٽ فياض چنڊ ڪليري)اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري لاهور  ۾ ديرو ڄمائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وٽن ايتري صلاحيت آهي ته ڊالر 5 رپين جو ٿي وڃي، سي پيڪ ان لاءِ نه بڻايو ته ننڍا رستا ۽ ٽرام شروع ڪيون. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري زرداري هائوس نواب شاھ ۾ عيد جو چوٿون ڏينهن مختلف وفدن سان ملاقاتن ۾ مصروف گذاريو زرداري برادري جي معززن سان ملاقات دوران آصف علي زرداري چيو ته جمهوريت جي مضبوطي ۽ ملڪي ترقي لاءِ اڳتي وڌڻو آهي ۽ مون کي هڪ دفعو ٻيهر اسلام آباد پنڊي ۽ لاهور به وڃڻو آهي. آصف زرداري چيو ته  مونکي غلط رپورٽون مليون ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، پر پاڻ اچي ڏٺو ته رستا خراب آهن. ان ڪري ڳوٺ ڳوٺ وڃي رهيو آهيان. هن چيو ته صدر ٿيس ته بلوچستان جا ڏک گهٽايا پر اڄ به بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ ڪيترائي مسئلا آهن. هن چيو ته مسئلن جو حل طاقت ذريعي ڪڍندو آهيان، اوهان سامهون ڪامياب ٿيس، جيڪڏهن ڀڄي وڃان ها ته اوهان چئو ها ته سٺو ته اهو آهي جيڪو لنڊن ويٺو آهي.  پنهنجي برادري سان مخاطب ٿيندي هن چيو ته زرداري برادري هميشه مون تي اعتماد ۽ ڀروسو ڪيو آهي عام چونڊون هجن يا بلدياتي چونڊون هجن برادري جي ماڻھن سدائين مونکي ڀرپور مينڊيٽ ۽ ساٿ ڏنو . هن چيو درسگاهن ۽ اسپتالن جي قيام ۽ تعمير  لاءِ نواب شاھ ۾ رڪارڊ ڪم ڪيو آهي هتي اسپتالون به آهن ۽ يونيورسٽيون به آهن پنهنجي برادري کي هن چيو ته پنهنجي ٻچن کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياريو ته جيئن اهي جديد دور ۾ دنيا سان مقابلو ڪري سگهن. آصف علي زرداري سڪرنڊ ۽ قاضي احمد جي ورڪرن ۽ معززين سان پڻ ڌار ڌار ملاقات ڪئي انهي موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته مون کي۽ توهان  کي دنيا جي ڪا به طاقت ڌار نٿي ڪري سگهي هن چيو ته پنهنجي تڪ جي عوام سان ملي مون کي بي سڪون ۽ خوشي ملندي آهي. هن چيو ته مون هميشه مثبت سياست ڪئي آهي۽ مخالفن هميشه جيلن ۾ وجهڻ جي سياست ڪئي آهي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.