پڊعيدن مان صحافي جي گمشدگي، ايس ايس پي نوشهرو فيروز طلب

نوشهرو فيروز (رپورٽ:ايم ظفر تڳر) پڊعيدن جي صحافي حيدر پلهه جي جبري گمشدگي معاملي جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج نوشهرو فيروز قمرالدين عباسي جي عدالت ۾ ٿي، جنهن ۾ ايس ايڇ او پڊعيدن حاضر نه ٿيو ۽ درخواست موڪلي ته هو بيمار آھي جڏهن ته ايس ايڇ او محمد حنيف مهر ۽ ٻه ڊي ايس پي امتياز ميمڻ ۽ اي آر عباسي پيش ٿيا، ايڊيشنل سيشن جج  ايس ايس پي نوشهرو فيروز کي پابند بڻايو ته 9 مئي تي  هو  ذاتي طور پيش ٿئي ۽ عدالت کي ٻڌائي ته صحافي جي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي يا نه؟.ڪيس جي پيروي ڪندڙ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عبدالرحيم عباسي، محمد اياز مري، عبدالستار لهراڻي، عبدالمجيد پلهه ۽ منصور علي عباسي ٻڌايو ته صحافي حيدر پلهه کي بناجواز کنڀي کنيو ويو آھي جنهن جي پوليس ايف آءِ آر داخل نه پئي ڪري نه ئي ٻڌايو پيو وڃي ته حيدر پلهه کي ڪنهن کڻي گم ڪيو آھي، تنهن ڪري انصاف لاءِ عدالت ۾ ڪيس وڙھي رهيا آھيون ۽ ايڊيشنل سيشن جج واضح ڪيو آھي ته 9 مئي تي هو پاڻ ايف آءِ آر داخل ڪندو.ياد رهي ته نوشهرو فيروز ضلعي مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جو سيشن جج محبوب علي جواهري پاڻمرادو نوٽيس ورتو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.