ترين گروپ عمران خان خلاف وڌيڪ کُلي ڳالهائڻ لاءِ تيار

لاهور(م ڊ) سياسي محاذ تي ترين گروپ وڌيڪ کلي کيڏڻ لاءِ تيار، ايندڙ هفتي جهانگير ترين جي اڳواڻي ۾ ترين گروپ اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. گروپ جي ميمبرن جهانگير ترين کي کلي عمران خان کي بي نقاب ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي، ترين گروپ جي پارلياماني اڳواڻ راجا رياض چيو آهي ته ايندڙ هفتي جهانگير ترين گروپ جو لاهور ۾ اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جهانگير ترين جي صحت هاڻ بهتر آهي. ايندڙ هفتي گروپ جو اجلاس گهرائي سياسي سرگرميون شروع ڪنداسين، راجا رياض چيو ته جهانگير ترين کي مشورو ڏنو آهي ته عليم خان جيان ميڊيا تي اچي عمران خان کي بي نقاب ڪريو. ترين گروپ فعال آهي ۽ سياست ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ايندڙ هفتي اجلاس ۾ سياسي فيصلا ۽ گروپ جي مستقبل جي حوالي سان لائحه عمل جو اعلان ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.