سريلنڪا جا ماهر ڪراچي ۾زو ڪيپرز کي ٽريننگ ڏيڻ لاءِ راضي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب زو ۽ سفاري پارڪ انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته هو جانورن جي سنڀال کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي معيار جي ماهرن کان زو سنڀاليندڙن جي تربيت جو بندوبست ڪن ته جيئن جانورن جي سار سنڀال عالمي معيار مطابق ٿي سگهي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چڙيا گھر جو تفصيلي دورو ڪيو.ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي هدايت تي  سينيئر ڊائريڪٽر ريڪريشن منصور قاضي نيشنل زولوجيڪل گارڊن سريلنڪا جي ماهرن سان اي ميل ذريعي رابطو ڪيو.ماهرن ڪراچي اچي زو ڪيپرز کي ٽريننگ ڏيڻ جي رضامندي جو اظهار ڪيو، ان حوالي سان ميونسپل ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي ڊپارٽمينٽل منظوري لاءِ درخواست موڪلي وئي آهي توقع آهي ته جلد ئي ڪراچي چڙيا گهر ۾ سريلنڪا جا ماهر ٽريننگ لا دستياب هوندا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.