ادارن کي چوان ٿو ته 31 مئي کان اڳ چونڊون ڪرائين: شيخ رشيد

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد 31 مئي کان اڳ عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ڪو حادثو پيش آيو يا عمران خان لانگ مارچ جو سڏ ڏنو ته پوءِ هو پاڻ به سنڀالي نه سگهندو، هن چيو ته سامراجي خط هڪ سازش هو، موجوده حڪومت ان کي ڪوڙو قرار ڏئي رهي هئي، اڄ وري پاڻ پنهنجي بيانيي خلاف جاچ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري رهي آهي، شيخ رشيد چيو ته اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته مداخلت سازش کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.