نوشهري فيروز ۾ گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ ڌرڻو

نوشهرو فيروز (ڊ ر)نوشهري فيروز ۾کنڀي گم ڪيل شاگرد شرجيل تڳر جي آزادي لاءِ وارثن ۽ قومي ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي نعمان تڳر، عزيز الله تڳر، غلام مرتضيٰ تڳر ۽ عمران تڳر چيو ته شرجيل شاگرد آهي،جنهن کي کنڀي گم ڪرڻ آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.هنن چيو ته شرجيل تڳر کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.