اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ پرڏيهي خط تي ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ وارا عدالت کي گاريون ڏئي رهيا آهن، ان جي ڪميشن تي ڪئين اعتبار ڪندا؟ پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن عدليا کي نشانو بڻائي رهيا آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن وانگر عدليا کي جانبداري جو الزام هڻي سياست ڪندي، اسان کي پڪ آحي ته پي ٽي آءِ عدالت پاران جوڙيل ڪميشن جو به فيصلو قبول نه ڪندي.