اورينج لائن کي آپريشنل ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جو ٽارگيٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي اورينج لائن کي آپريشنل ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جو ٽارگيٽ ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته بي آر ٽي اورينج لائن منصوبي ۾ جيترا به مسئلا آهن مڪمل تفصيل فراهم ڪيا وڃن. اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو اجلاس ٿيو ،جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحيلم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي الطاف ساريو ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني سان اجلاس ڪري اورينج لائن منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته منصوبا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال سان هو پاڻ ڳالھائيندو ته جيئن منصوبو مڪمل ٿي سگھي. هن چيو ته اورينج لائن کي هڪ مهيني جي اندر آپريشنل ڪرڻو آهي ته جيئن اورنگي ٽائون ۽ ان جي پسگردائي وارن علائقن جي شهرين کي محفوظ ۽ آرامدہ  سفري سهولت مهيا ڪري سگھجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.