ڪراچي(م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ ڇنڇر جي موڪل بحال ڪندي آفيس وقت جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب اسٽيٽ بئنڪ سومر کان خميس تائين کليل رهندي، آفيس وقت اڄ کان صبح 9 کان شام ساڍا 5 هوندو، جڏهن ته ڏيڍ کان سوا 2 وڳي تائين نماز ۽ کاڌي پيتي جو وقفو هوندو، جمعي واري ڏينهن بئنڪ شام 6 وڳي تائين کليل رهندي اهڙي طرح فيلڊ آفيسون 9 کان هڪ بجي تائين کليل رهنديون، بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻيون بئنڪون ۽ مالياتي ادارا به اهو ئي وقت مقرر ڪن، جڏهن ته ڏيتي ليتي جو وقت ضرورت پوڻ تي وڌائي سگهجي ٿو.