سکر ۾ پوليس ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار

سکر ( رپورٽر ) ايس ايس پي سکر جي هدايتن تي سکر پوليس ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪيترن ئي ڏوهارين ۽ سماجي برائين ۾  ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ان ڏس ۾ ايس ايڇ او سانگي هڪ ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي آڪڙا پرچي جوا تي ڇاپو هڻي ٻن جوابدارن عبدالغفار مهر ۽ محمد امين سيال کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان مختلف جوا جو گيمون، موبائل فونون ۽ روڪ رقم هٿ ڪري ورتي آهي. جڏهن ته ايس ايڇ او صالح پٽ اسنيپ چيڪنگ دوران ڪاروائي ڪندي منشيات فروش غلام شبير پنهيار کي گرفتار ڪري سندس قبضِي مان 8 ڪلو 400 گرام چرس هٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، هوڏانهن ايس ايڇ او ڪنڌا حد ۾ ڪاروائي ڪندي شهري جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل برآمد ڪري اصلي مالڪ علي گوهر حوالي ڪري ڇڏي آهي،  هوڏانهن سکر پوليس پاران ڪامياب ڪاروائين تي ايس ايس پي سکر پاران پوليس پارٽي لاءِ شاباش جو پيغام جاري ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.