اسلام آباد (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري سان پاڪستان سوئٽ هومز جي چيئرمين زمرد خان ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت جي ذميداري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ساجد حسين طوري زمرد خان جي اچڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو ان جي فلاحي ڪمن جي تعريف ڪئي ۽ پارا چنار جي يتيم ٻارن جي حوالي سان ملي ڪري ڪم ڪرڻ جو اظهار ڪيو