سرحد لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، حملا ، 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ باهو چاچڙ ۾ ٻارن جي ڳالهه تان چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملا ڪيا  ويا، جهيڙي ۾ اڪبر چاچڙ، شعبان، شيرمحمد، عبدالڪريم، راڻو، حامد، ددو، ڪيهر، حميد، الله بخش، اصغر، نورو، گُلو، اختر چاچڙ سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ سرحد ۽ گهوٽڪي جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس پاران واقعي جي اين سي پڻ داخل ڪئي وئي، پوليس پاران ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آھي، جڏهن ته ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پڻ برقرار آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.