خيرپور ناٿن شاهه ويجهو جهيڙي جو زخمي فوت، لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو

خيرپورناٿن شاه ( رپورٽ: سيد اطهر بخاري ) خيرپورناٿن شاه هڪ هفتو اڳ ڳوٺ بهادرپور جو رهواسي حملي آورن هٿان ڪهاڙيون ۽ پسٽل جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل47 ورهين جو علي حيدر شاهاڻي لاڙڪاڻي اسپتال ۾  زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو مقتول علي حيدر شاهاڻي جو لاش لاڙڪاڻي کان تعلقا اسپتال خيرپورناٿن شاه آندو ويو لاش پهچڻ تي وارثن ۾ ڪيهاٽ اوڇگارون ڏئي روئيندا رهيا ، ايمرجنسي وارڊ اڳيان مقتول علي حيدر شاهاڻي جي ڀائرن علي اصغر شاهاڻي ، نياز حسين شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس انتظاميا خلاف قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي مقتول علي حيدر مقتول حاجي عبدالنبي شاهاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪريو انصاف ڪريو انصاف ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪندي مقتول جي ڀائرن دانهيو ته هڪ هفتو اڳ اسان جي ڀائرن کي حيات شاهاڻي ، شاه پسند شاهاڻي ، غلام نبي شاهاڻي ، غلام رسول شاهاڻي ۽ ٻين جوابدارن تعويذ هڻڻ جي ڪوڙي الزام ۾ ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان اسان جي وڏي ڀاءۡ حاجي عبدالنبي شاهاڻي کي قتل ڪيو هو ۽ اسان جي ٻيء ڀاءۡ علي حيدر کي ڪهاڙيون ۽ فائرنگ ڪري زخمي ڪيو هيو جيڪو اچ لاڙڪاڻي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو اسان سان ظالمن وڏو ظلم ڪيو آهي اسان جا ٻه ڳڀرو ڀائر انهن ظالمن بيدردي سان ماريا آهن پوليس هڪ هفتو گذرڻ باوجود هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي گوزو پوليس پوسٽ جي انچارج اي ايس آء عبدالله جويو جوابدارن جو مال ڪاهي آيو هيو جيڪو پئسا وٺي انهن کي واپس ڪري ڇڏيو جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناهي انهن جي ڌر بڻيل آهي اسان جو گهر برباد ٿي ويو پوليس انهن قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناهي  هنن چيو ته اسان مقتول ڀاءۡ علي حيدر جو لاش انڊس هائي وي تي رکي ڌرڻو هڻڻ جي تياري ڪئي ته ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاه علي اڪبر چنا اسان وٺ آيو قرآن پاڪ تي هٿ رکي يقين ڏياريو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ جوابدار گرفتار ڪري اوهان سان انصاف ڪيو ويندو هنن چتاءۡ ڏيندي چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيا ته اسين انڊس هائي وي تي شاميانا هڻي ڌرڻو هڻندا سين جڏهن ته مقتول علي حيدر شاهاڻي جي لاش جي ڊاڪٽر ۽ پوليس ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو لاش ڳوٺ بهادرپور پهچڻ تي سوڳ ڇائيجي ويو ٻيهر تڏو وڇايو ويو مقتول جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ، ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ ڳوٺ لاهوري سامهون بچاءۡ بند تي ڳوٺ بهادرپور جي رهواسن ڀائرن55 ورهين جي حاجي عبدالنبي شاهاڻي ۽ سندس ڀاءۡ 47 ورهين جي علي حيدر شاهاڻي وڏڙن جي قبرن جي مرمت ۽ دعا گهرڻ لاء سڌاري شاه جي قبرستان تي موٽر سائيڪل تي وڃي رهيا هيا ته حملي آورن مٿن حملو ڪري ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان حاجي عبدالنبي شاهاڻي کي قتل ۽ سندس ننڍي ڀاءۡ علي حيدر کي زخمي ڪيو هيو جنهن جو ڪيس خيرپورناٿن شاه ٿاڻي تي 9 سڃاتل ۽ ٽي اڻسڃاتل جوابدارن مٿان داخل ڪرايو هيو ، پوليس هڪ هفتو گذرڻ باوجود قاتل گرفتار ڪري ناهي سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.