ڳڙهي خيرو لڳ ڀت ڪرڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان لاڙڪاڻي ۾ فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ شير خان اوڍو ۾ جڳهه جي اڏاوتي ڪم دوران ڀت ڪرڻ جي نتيجي  ۾ 23 سالن جو نوجوان پورهيت نور الله پٽ محمد يوسف اوڍو دٻجي سخت زخمي ٿي پيو جنهن جي رڙين تي ٻين پورهيتن کيس ملبي هيٺيان ڪڍي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي علاج دوران هو فوت ٿي ويو جنهن جي لاش مٿان سندس وارث اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي پورهيت جي وارثن ٻڌايو ته ميهر لال ڳوٺ ۾ مائٽ جي جڳهه جي اڏاوتي ڪم دوران ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ دٻجي سخت زخمي ٿيو جنهن کي ٻين پورهيتن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو جتي هو فوت ٿي ويو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي پورهيت جو لاش وارث ڳوٺ ڏانهن کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.