نيوسعيد آباد لڳ جهيڙيندڙ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، هڪ ڌر جو ڌرڻو، باهيون

نيو سعيدآباد (ن ع آ) نيوسعيدآباد ڀرسان بکر  جمالي ۾جمالي برادري جي ٻن ڌرين درميان بعد هڪ ڄڻي جي قتل۽چئن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ تڪراري ڌرين ۾ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي, قتل ڪيس جي الزام هيٺ آيل جمالي برادري جي جي مقامي سردار محبوب عالم جمالي جا حمايتي روڊن تي نڪري آيا، مهراڻ هاءِ وي تي سوين ماڻهن جو ڌرڻو هنيو ويو جنهن دوران صوبائي وزير امتياز شيخ – ايس ايس پي مٽياري ڪليم ملڪ، سهيل ڪنبائي جمالي خلاف نعريبازي ڪئي وئي وئي, بکر جمالي جي علائقي ۾ سرڪاري کتيرو ٻيلو جي کتيرو ڍنڍ جي مالڪي تان جمالي برادري جي ٻن ڌرين جي ھلندڙ پراڻي تڪرار جنھن ۾ تازو سھيل جمالي جي ڌر جو ھڪ ھمراھ شاھجھان جمالي مارجي ويو هو۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا ھئا. پوليس ان واقعي ۾ محبوب عالم جمالي جي ڌر جي ڪجھ ماڻھن کي حراست ۾ ورتو ھو جنجي گرفتاري اڃان ظاھر نه ڪئي ويئي آھي ۽ ٻنھي ڌرين ۾ سوشل ميڊيا تي ھڪٻئي خلاف بيان بازي جاري آھي ان سلسلي ۾ سردار محبوب عالم جمالي ڌر جي ماڻھن بکر جمالي سامهون مھراڻ ھائي وي تي صوبائي وزير امتياز شيخ – ايس ايس پي مٽياري، سھيل جمالي سميت پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي  ڌرڻو ھنيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ قيصر جمالي- مولوي جميل جمالي-شوڪت جمالي-هادي بخش جمالي-ببلو جمالي-عبدالجبار جمالي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ چيو ته 28 اپريل تي سهيل جمالي جي ڌر بکر جمالي موري تي جھيڙو ڪري پورهيت جعفر جمالي کي مانڊڻي(ڪيبن) تان کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ٻنھي ڌرين جي فائرنگ ۾ شاهجهان جمالي مارجي ويو ۽ مير جمالي سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا.هنن چيو ته سهيل جمالي صوبائي وزير امتياز شيخ جو فرنٽ مين آهي،پوليس سندس سرپرستي ڪري پئي امتياز شيخ سندس پٺڀرائي ڪري رهيو آهي.هنن چيو ته امتياز شيخ جي سرپرستي سبب پوليس اسان جي نوجوان جعفر جمالي کي کنڀڻ ۽ مير جمالي کي زخمي ڪرڻ جي ايف آئي آر نه ورتي،پوليس سهيل جمالي جي ونگار وهندي اسان جي ماڻهن تي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪئي،ڪوڙي ڪيس ۾ اسان جي سردارن محبوب عالم جمالي-اسرار احمد جمالي-نظير احمد جمالي ۽ ٻين 15ڄڻن کي به نامزد ڪيو ويوآھي.هنن چيو ته مير جمالي زخمي آهي، پوليس ان جو علاج ڪرائڻ بدران کيس لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، ھنن مطالبو ڪيو تہ اسان جي ايف آئي آر سهيل جمالي ۽ سندس ساٿين خلاف داخل ڪئي وڃي،اسان جي ماڻهن تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي،اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ٿيا ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.