حيدرآباد (اي پي پي) حيدرآباد پوليس مقابلي کانپوءِ ڦورن جي گروهه جي 2 ڦورن کي هٿيارن ۽ موٽر سائيڪلن سميت گرفتار ڪري ورتو. راهوڪي پوليس نيو حيدرآباد سٽي ويجهو حاصل شاهه قبرستان ويجهو هڪ ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو جتي 5 ڦورو ڪنهن واردات جي اِرادي سان موجود هئا، ملزمن پوليس کي ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 3 ڦورو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڦورن کي پوليس ٻن ٽي ٽي پستولن، گولين ۽ ڦريل موٽر سائيڪلن سميت گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڦورن جا نالا عبدالسلام عرف ڪاليا ميراڻي ۽ شاهد عالماڻي ٻُڌايا وڃن ٿا.