ميهڙ لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پيرسن ڌڪي، ٿاڻي اڳيان ڌرڻو

ميھڙ (رپورٽ:  فراز چنا)ميھڙ ڀرسان ڳوٺ لونگ مھيسر ۾ زرعي زمين جي معاملي تان مھيسر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ڏاٽا ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب پيرسن موريل مھيسر مرڻينگ وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري ۽ پوليس جي ظم خلاف ميھڙ ٿاڻي اڳيان احتجاج مظاھرين حبيب الله مھيسر ، اقبال مھيسر ،مسمات راستي مھيسر ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيو تہ جوابدارن حسين مھيسر ، نظر مھيسر، شاھد مھيسر ۽ ٻين بااثر عطا محمد مھيسر جي بڇ تي حملو ڪري پيرسن موريل مھيسر کي ڏنڊا ڏاٽا ھڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آھي ڊاڪٽرن زخمي پيرسن کي نازڪ حالت ھجڻ ڪري ڪراچي کڻي وڃڻ جو چيو آھي ھنن چيو ته اسان جھيڙي جي قاضي عارف ۽ ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري جوابدار اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ زمين ڪرڻ به نه ٿا ڏين پوليس پڻ ساٿاري بڻيل آھي ھنن چيو ته اسان سميت زخمي پيرسن کي ڪجھ بہ نقصان ٿيو ته ان جا ذميوار ھي جوابدار ھوندا ھنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي تہ اسان مسڪينن جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.