پنو عاقل لڳ زميني مالڪي تان جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

پنوعاقل ( ت ر ) سلطانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ برٿ سمائر ۾ زمين جي مالڪي تان سمائر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيڻ ڪري 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا،چيو وڃي ٿو ته  پ پ اڳواڻ ھادي بخش سمائر ۽ عبدالفتاح سمائر جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ھلندڙ آھي،اڄ جمعي ڏينھن سمائر برادري جھيڙي ۾ شھبازي،جئيل،خير محمد سمائر سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،جن کي سلطانپور پوليس کڻائي تعلقه اسپتال ۾ پھچايو آھي،ھوڏانھون ٻنھي ڌرين جي جدا جدا رپورٽ داخل ڪرڻ بعد جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.