پوئين چونڊ کٽي ايندڙ ڪائونسلرن پاران چونڊ نه وڙهڻ جو فيصلو

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ) گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ کٽي ايندڙ ڪائونسلر ايم پي ايز کان ناخوش آهن.ضلعي اندر گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ کٽي  ايندڙ ڪائونسلرن پاران هن ڀيري ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.ڪجه ڪائونسلر نالا ظاهر نه ڪرڻ تي چيو ويو ته اسان کي ايم پي اي عابد سندراڻي ڀت سان لڳايو هنن چيو ته اسين گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ کٽڻ لاءِ 10 کان 20 لک روپيا خرچ ڪري ووٽ خريد ڪيا هئاسين پر ان بعد اسان کي ڪابه عزت نه ملي ۽ نه ئي اسان جا ڪم ٿيا هنن چيو ته عابد سندراڻي ڪائونسلر کي وارڊن ۾ 10 کان 15 لک جون ٽف ٽائيل ۽ نالين جون اسڪيمون ڏنيون هنيون جيڪي اسان ۽ اسان پنهنجي اتحادين کي اهي ٺيڪا ڏناسين جن کي اڄ ڏينهن تائين پئسا نه ملي سگهيا آهن اسڪيم مڪمل ٿي چڪي روڊ ٺهي ويو ناليون ٺهي ويون پر پئسا نه مليا.هنن چيو ته اڳ ۾ پنهنجي محلي ۾ عزت هوندي هئي گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ کٽي اچڻ بعد ڪائونسلر ٿيڻ بعد عزت گهٽ ماڻهن کان گاريون گهڻيون کاڌيون سين.هنن چيو ته ايتري ويڌن ٿي جو اسان کي پگهارون به نه ڏنيون ويون.هنن چيو ته عابد سندراڻي گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ کٽي ايندڙ ڪائونسلر سان اهڙي حالت ڪئي هنن کي ايترو ته بدزهن ڪري ڇڏيو جو هو هن ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو سوچي به نه سگهن هنن چيو ته عابد سندراڻي چاهي ٿو ته صرف ان جا ئي ماڻهو ٿاپيل کٽي اچي ان جي ها ۾ ها ملائن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.