احمدپور لڳ رولو ڪتن 6 سالن جي نينگري کي ڏاڙهي وڌو

احمدپور (ن ع آ) احمدپور ويجهو يوسي پيربادل جي ڳوٺ فتح علي چانڊيو ۾ 6 سالن جي نينگري ياسمين ڌيءَ مدد علي چانڊيو کي رولو  ڪتن ڳوٺ ۾ حملو ڪري ڏاڙهي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي احمدپور اسپتال مان ليٽر وٺڻ بعد ڇتي ڪتي جي ويڪسين ڪرائڻ لاءِ پيرجوڳوٺ استپال منتقل ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ نينگريءَ جي وارثن جو چوڻ آهي ته يوسي پيربادل جي انتظاميا کي رولو ڇتن ڪتن جي آزار بابت باربار شڪايتون ڪيون آهن پر تنهن باوجود به ڪتا مار مھم شروع نه ٿي سگهي جنهن ڪري رولو ڇتن ڪتن ڳوٺ جي ڪيترن مرد عورتن توڙي معصوم ٻارڙن کي وقفي وقفي سان ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي پر يوسي انتظاميا خاموش بڻيل آهي ان موقعي تي ڳوٺاڻن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪتا مار مھم شروع ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.