حيدرآباد ۾ ريل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ريل گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو. ڦليلي جي علائقي مرزا ڦاٽڪ وٽ لاهور کان ڪراچي کان ويندڙ ريل گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت ٿي ويو. جنهن جو اطلاع ملڻ تي پڃاري ٿاڻي جي   پوليس پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته 27 کان 28 ورهين جي نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. جنهن ڪري لاش ضروري ڪارروائي بعد امانت طور مرده خاني ۾ رکرايو ويو آهي. پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ لاءِ سندس فنگر پرنٽس به ڪرائي وئي آهي پر اڃا تائين سندس سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته نوجوان مرزا ڦاٽڪ وٽ پٽڙي ڪراس پئي ڪئي ته لاهور کان ايندڙ ريل گاڏي کيس ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.