ڪوئيٽه (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ڪالهه بي اين پي سربراهه ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر سردار اختر مينگل سان فون تي رابطو ڪيو ۽ خضدار جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جي صورتحال ۽ امدادي سرگرمين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. سردار اختر مينگل کي حڪومتي ادارن طرفان متاثر علائقن ۾ شروع ڪيل امدادي ڪاررواين بابت آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته پي ڊي ايم اي طرفان متاثر علائقن ۾ امدادي سامان روانو ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميه کي متاثرن جي ريسڪيو ۽ فوري امداد لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته خضدار ضلعي ۾ سمورن ادارن کي هاءِ الرٽ ڪري ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي