ڪوٽڙي ۾ جسقم اڳواڻ جو ڀاءُ مبينا کنڀي گم، وارثن جو احتجاج

ڪوٽڙي ( رپورٽ: جبار ڪابورو ) گذريل رات ڪوٽڙي جي خورشيد ڪالوني مان عزيز قمبراڻي سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن هٿان کنڀجي ويو، رات دير سان خورشيد ڪالوني ۾ سندس گهر تي ساڍا ڪپڙا پهريل اهلڪارن چڙهائي ڪري کيس کڻي ويا ٻڌايو پيو وڃي تہ کنڀي گم ڪيل عزيز قمبراڻي جسقم آريسر جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ معشوق قمبراڻي جو ڀاء آهي ياد رهي تہ ان کان اڳ سندس ٻن سوٽن مظفر قمبراڻي کي ڄامشورو مان ۽ ظفر قمبراڻي کي ميهڙ مان گذريل مهيني کنڀي گم ڪيو ويو آهي کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي ڪٿي بہ ظاهر ناهي ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.