ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ۾ مهراڻ بيڪري ۾ بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ ٿيڻ سبب باهه لڳي وئي باهه لڳڻ سبب هزارين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو ۽ بيڪري اندر دونهو پکڙجي ويو، بيڪري جي ملازمن باهه وسائڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوشش ڪري باهه تي ضابطو آندو ۽ وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو، آخري فائر برگيڊ گاڏي اطلاع باوجود نه پهتي